وفاق سنڌ جي ٻيٽن تي شهر اڏڻ کان هٿ کڻي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين هڪ سوال جي جواب ۾ ايوان کي ٻڌايو ته سال 19/2018 دوران 33 سرڪاري ادارا خساري ۾ هئا، انهن ادارن جو نقصان 479 ارب رپيا آهي. پ پ جي نفيسه شاهه جي ڪورونا پيڪيج ۾ آڊٽ بابت سوال جو گول مول جواب ڏيندي چيو ويو آڊيٽر جنرل آڊٽ رپورٽون صدر کي پيش ڪيون آهن، آڊيٽر جنرل جي هڪ رپورٽ ڪووڊ تي ڪيل خرچن بابت آهي. شوڪت ترين چيو ته آئين موجب ، ڪووڊ خرچن بابت رپورٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي. رٿا بندي واري وزير اسد عمر سڪندر راهه پوٽو جي سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪراچي جي ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ جو فيصلي تي عمل نه ٿيندو ڇو ته سنڌ حڪومت مخالفت پئي ڪري. ذريعن جو چوڻ آهي ته جڏهن کان عمران خان سنڌ فتح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پي پي کي مات ڏيڻ جو فيصلو ٿيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت سنڌي ماڻهن کي ٿڌو ڪرڻ ۽ پنهنجي لاءِ راءِ بهتر ڪرڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو