وفاق جي چالاڪي، کنڊ مافيا خلاف ڪاروائي لاءِ صوبن کي خط

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ کنڊ مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو، وفاقي حڪومت کنڊ ڪميشن جي رپورٽ جي بُنياد تي ايف بي آر، اَيس اِي سِي پــِي ۽ ايف آءِ اي کي ڪاروائي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر طرفان اسٽيٽ بئنڪ، مسابقتي ڪميشن ۽ چئني صوبائي حڪومتن کي خط لکيو ويو آهي، وفاقي سرڪار چيو آهي ته صوبائي حڪومتون کنڊ ڪميشن جي رپورٽ جي روشنيءَ ۾ شگر ملز خلاف قانوني ڪاروائي ڪن. آبادگار کان گهٽ اگهه تي ڪمند خريد ڪندڙ شگر ملز خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، خط ۾ صوبائي حڪومتن سوڌو ٻين ادارن کي ٽن مهينن ۾ عملدرآمد رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته اها وفاقي حڪومت جي چالاڪي آهي، جڏهن جاچ مڪمل آهي، ذميواري عائد ٿيل آهي ته پوءِ نيب ۽ آيف آءِ اي کي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ بدران صوبن ۽ وفاقي ادارن کي خط لکي هڪ پاسي حومت پنهنج جان ڇڏائي آهي ته ٻئي پاسي معاملو صوبن جي ڪنڌ ۾ وجهي خانه پوري ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو