’وفاق آفيسر فراهم ڪري، نسلا ٽاور ڪيرايو، حد دخليون هٽايو‘

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آھي تھ ڪراچي ۾ سالن کان ايئن ٿئي پيو ته جيڪو اچي ٿو مال ميڙي ٿو ۽ ھليو وڃي ٿو،ائين لڳي ٿو ته وفاقي حڪومت به مفلوج آهي، اٽارني جنرل صاحب! سنڌ جو وڏو وزير چئي ٿو ته وفاق سهڪار نه پيو ڪري، وفاقي حڪومت کان هدايتون وٺي عدالت کي آگاهه ڪريو. سپريم ڪورٽ وڏي وزير مراد علي شاهه جي موجودگيءَ ۾ اٽارني جنرل کي اهڙي هدايت ڪئي، چيف جسٽس گلزار احمد پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته توهان وفاقي حڪومت جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو، اهي اچي ويهي رهندا ته توهان ڪيڏانهن ويندا؟ وڏي وزير چيو ته آئون اِن تي ڪجهه به ڳالهائڻ نٿو گهران، منهنجو بيان سياسي ٿي ويندو، جسٽس قاضي امين اٽارني جنرل کي چيو ته سنڌ حڪومت کي جيڪي آفيسر گهرجن، کين ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس چيو ته ڪنهن جي سفارش جي انتظار ۾ ويٺا هوندا. سپريم ڪورٽ طرفان حددخلين خلاف ڪيس تي ٻڌڻي دوران وڏي وزير مراد علي شاهه کان پڇاڻو ڪندي چيو ته وزيراعليٰ صاحب! هي رڳو ڪراچي نه، پر سڄي سنڌ جو مسئلو آهي، ڪالهه حيدرآباد مان آيس پئي ته اُتي به ڌوڙ کانسواءِ ڪجهه به نه هو، پارڪس ۽ راندين جي ميدانن تي قبضا ٿي چڪا آهن، انتظاميا ڪٿي آهي؟ وڏي وزير مراد علي شاهه عدالت اڳيان انتظامي مسئلن جو اعتراف ڪندي چيو ته اسان حددخلين خلاف ڪم ڪرڻ گهرون ٿا،

CM Sindh Murad Shah in SCP

چيف جسٽس چيو ته وِل نظر نٿي اچي، وڏي وزير چيو اهو ٿورو غلط هوندو ته وِل نظر نٿي اچي، کوڙ شيون کُليل عدالت ۾ نٿو ٻڌائي سگهان، چيف جسٽس چيو ته وري ڪڏهن موقعو مليو ته ٻڌنداسين، هر مسئلي جو حل موجود آهي، توهان ڪجهه نه ڪري رهيا آهيو. سپريم ڪورٽ چيو تھ سنڌ حڪومت جي ماتحت ادارن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، ماسٽر پلان گهرون ٿا پر اُهو نٿو ملي، ٻڌايو ته ڪهڙو ماسٽر پلان آهي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته نالن تي آپريشن متاثرن متبادل جاءِ ڏيڻ جو چيو هو، شهرين جي بحالي تي سنڌ حڪومت هٿ مٿي ڪري ڇڏيا، ايترن ڪمن لاءِ پئسا آهن، پر متاثرن لاءِ نه، اگر مگر ناهي، بس بحالي جو ڪم ڪريو.

نسلا ٽاور ڪيس

سپريم ڪورٽ ھڪ ھفتي ۾ نسلا ٽاور کي ڪيرائڻ جو حڪم ڏنو آھي، ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراھي ۾ نسلا ٽاور بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنھن ۾ عدالت ھڪ ھفتي ۾ نسلا ٽاور ڪيرائڻ جو حڪم ڏنو آھي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ نسلا ٽائور بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪمشنر ڪراچي پيش ٿيو، عدالت جو چوڻ ھو تھ ڪمشنر ڪراچي هڪ هفتي اندر نسلا ٽائور جي عمارت ڪنٽرولڊ ايمونيشن بلاسٽ سان ڪيرائي وڃي، عدالت چيو تھ بلاسٽ سان ويجهي عمارت يا ماڻهن کي ڪو نقصان نه ٿيڻ گهرجي، نصلا ٽاور جو مالڪ متاثرن کي رقم واپس ڪري.

نالن تي حد دخلي جو معاملو

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري پاران ڪورنگي، اورنگي ۽ محمود آباد نالن تي آپريشن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اسٽي آرڊر معطل ڪيو ويو آھي، سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ حددخليون هٽائڻ بابت ڪيس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه کي طلب ڪيو هو. ٻڌڻي دوران اي جي سنڌ پيش ٿي چيو ته ڇا عدالت چاهي ٿي ته آپريشن متاثر خاندانن کي نوَن گهرن ۾ منتقل ڪريون؟ چيف جسٽس اي جي سنڌ کي چيو ته توهان وضاحت نه ٿا ڪري سگهو، ويهي رهو، وڏي وزير کي طلب ڪريون ٿا.  گلشن اقبال جي ليمون ڳوٺ ۾ فيڪٽريز سبب گهٽيون بند ٿيڻ خلاف درخواست تي ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي مرتضيٰ وهاب کي طلب ڪيو ويو آھي، ڪورنگي، اورنگي ۽ محمود آباد نالن تي آپريشن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اسٽي آرڊر معطل، نالن تي سموريون حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏنو ويو. سپريم ڪورٽ طرفان ضياءُ الدين اسپتال طرفان سرڪاري زمين تي قبضي خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران ڊي جي ڪي ڊي اي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، عدالت ڊي جي ڪي ڊي اي سان مخاطب ٿيندي چيو ته ضياءُ الدين اسپتال وارا پنهنجي پارڪنگ ڇو نه ٿا ٺاهين، توهان روڊ ڇو نه ٿا ٺاهيو، روڊن تي گهر ڪيئن ٺهي ويا؟، ڪراچي ۾ گذريل ٽن ڏهاڪن کان اها حالت آهي، فلاحي پلاٽن تي ڪٿي ڪلب هلي رهيا آهن ته ڪٿي شادي هال ۽ ٻيو ڪجهه هلي پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو