وفاق آءِ جي سنڌ کي فوري طور هٽائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت کي چيو آهي ته نئين آءِ جي لاءِ درخواست تي غور جاري آهي ليڪن في الحال ڪليم امام ئي انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ رهندو. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان جوابي خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت جي درخواست تي غور ڪري رهيا آهيون جيستائين فيصلو نه ٿو ٿئي تيستائين ڪليم امام آءِ جي سنڌ رهندو ڇاڪاڻ ته ان حوالي سان حتمي فيصلي تائين ايڊيشنل آءِ جي کي قائم مقام آءِ جي نه ٿو لڳائي سگهجي. ٻئي طرف سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت جي خط تي جوابي خط جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن ۽ ان حوالي سان وزيراعليٰ مراد علي شاهه ڪابينا ميمبرن، سينئر آفيسرن ۽ پارٽي اڳواڻن سان مشاورت شروع ڪري ڏني آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ حڪومت آءِ جي ڪليم امام جون خدمتون وفاق حوالي ڪرڻ ۽ نئين آءِ جي جي مقرري لاءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي خط لکيو هو. سنڌ حڪومت غلام قادر ٿيٻو، مشتاق مهر ۽ ڪامران فضل جا نالا تجويز ڪيا هئا. ذريعن جو چوڻ هي ته وفاقي حڪومت ٽنهي نالن تي اعتراض واريو آهي ۽ سنڌ حڪومت کي ڊاڪٽر امير شيخ تي رضامندي جو اشارو ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو