وزير اعظم پاران نجي ايئر لائين جو افتتاح ۽ اپوزيشن تي تنقيد

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ)  وزيراعظم عمران خان سيالڪوٽ ۾ نجي ايئر لائين سيال ايئر جو افتتاح ڪيو ۽ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اپوزيشن کي تنقيد ڪندي هن چيو ته چيو آهي ته ڪورونا جي ٻئي لهر دوران ڪيسز ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي. ٿڌ ۾ احتياط نه ڪئي وئي ته  وڏيون پريشانيون پيش اچي سگهن ٿيون. مودي جون مثالون ڏيندڙ اپوزيشن اڄ پاڻ جلسا ۽ جلوس ڪري رهي آهي.سيالڪوٽ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا جي دوران پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ روزگار هلائڻ وڏو چيلنج هو پر الله جي فضل سان ڪورونا جي پهرين لهر ڪنٽرول ۾ رهي، اپوزيشن تنقيد ڪئي ته مودي پنهنجي ملڪ۾ لاڪ ڊائون ڪيو آهي اسان  کي به لاڪ ڊائون ڪرڻ گهرجي. پر حڪومت تي تنقيد ڪندڙ اڄ پاڻ جلسا ۽ جلوس ڪري رهيا آهن. عمران خان چيو ته ڪورونا جي ٻئي لهر ۾ ڪيسز وڌي رهيا آهن.ٿڌ ۾ احتياط نه ڪئي وئي ته تمام گهڻي پريشاني ٿيندي. وائرس کي روڪڻ جو بهترين طريقو ماسڪ آهي. عوام کي اپيل آهي ته ماسڪ پايو ۽ ايس او پيز تي عمل ڪريو. اڳ جيان احتياط ڪرڻ سان صنعت ۽ ماڻهن کي بچائي سگهجي ٿو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ماضي جي پاليسين سبب صنعت متاثر ٿي جڏهن حڪومت آئي تڏهن اسان وٽ پئسا نه هئا، حڪومت  پاران سخت قدم کڻڻ سان جاري خساري تي قابو ڪري ورتو. اسان پنهنجي خرچن کي گهٽ ڪيو.اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح ملڪ ۾ غربت کي گهٽ ڪرڻ آهي. جنهن ملڪ ۾ ننڍو طبقو امير ٿي وڃي اهو ترقي ناهي ڪندو. نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻا آهن. پٺتي پيل علائقن جي ترقي به اولين ترجيح ۾ شامل آهي. پوئتي رهجي ويندڙ علائقن تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. پائدار خوشحالي لاءِ هڪ جهڙي ترقي ضروري آهي.هوڏانهن سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته مان ناجائز دولت کي حدف بنائڻ جي حوالي سان چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن جي ارادن جي آجيان ڪريان ٿو وزيراعظم چيو ته ترقي يافته ملڪ پنهنجي بدعنواني ۽ ڪرپشن سبب غربت جو شڪار آهن.ترقي يافته ملڪن جا بااثر ماڻهو مني لانڊرنگ جي ذريعي دولت امير ملڪن ۽ ٽيڪس چوري جي پرڏيهي ٺڪاڻن ۾ منتقل ڪندا آهن ان سبب ئي هي ملڪ مفلسي جو نشانو بڻجي ويندا آهن. ياد رهي ته سيالڪوٽ جي واپارين نجي ايئر لائن سيال شروع ڪئي آهي، واپرين اڳ ۾ سيالڪوٽ ايئرپورٽ به پنهنجي خرچ تي ٺهرايو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو