وزيرستان ۾ شهيد ٿيل جوان جي فوجي اعزاز سان تدفين

سکر (جئيرام داس )وزيرستان ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ شھيد ٿي ويل سکر واسي فوجي جوان محمد سليم کي فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو شھيد جي والد جي اکين مان خوشي جا لڙڪ وهي پيا ان ڏس ۾ سکر جي نئين ڳوٺ واري قبرستان ۾ وزيرستان ۾ فوجي آپريشن دوران دهشتگردن جي فائرنگ ۾ شھيد فوجي جوان محمد سليم جو مڙھ گزريل رات وزيرستان کان سکر آندو ويو اڱاري ڏينهن صبح جو  شھيد جوان جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ پاڪ فوج۔پاڪستان رينجرز۔پوليس عملدارن سميت سکر جي معزز شھرين جو وڏو انگ شريڪ هو شھيد کي فوجي دستي جي سلامي ڏيڻ بعد  فوجي اعزاز سان دفنايو ويو ان موقعي تي شھيد جي والد محمد اسلم جو چوڻ ھو سندس پٽ جي شھادت تي خوشي ٿي آھي ملڪ جي حفاظت ڪندي ملڪ مٿان قربان ٿيو آھي جيڪڏهن کيس پنج پٽ به هجن ها ته انهن کي به ملڪ تان قربان ڪري ڇڏيان ها پٽ جي شھادت تي فخر آھي ياد رهي ته نئين پنڊ جو رهواسي فوجي محمد سليم چئن ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ ھو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو