وزيرستان ۾ سيڪورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواھھ جي ضلعي ڏکڻ وزيرستا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 10 دھشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي اداري آءِ ايس پي آر موجب ڏکڻ وزيرستان ۾ فورسز دھشتگردن جي موجودگي ۾ ڳجھي اطلاع تي آپريشان ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن جي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 10 دھشتگرد مارجي ويا جڏھن تھ مارجي ويندڙن ۾ 4 دھشتگرد ڪمانڊوز بھ شامل ھئا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ ھو تھ دھشتگردن جي ٺڪاڻن مان وڏي تعداد ۾ اسلحو ۽ گولو بارود مليو آھي. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دھشتگرد آءِ اي ڊيز لڳائڻ ۽ معصوم شھرين کي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث ھئا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ ھو تھ مارجي ويل دھشتگرد ڏکڻ وزيرستان ۾ دھشتگردي جي منصوبھ بندي ڪري رھيا ھئا.

پهنجو تبصرو موڪليو