وزيراعظم پاران پينڊورا پيپرز ۾ شامل ماڻهن کان جاچ لاءِ سيل قائم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان پينڊورا پيپرز جي اعليٰ سطحي جاچ لاءِ سيل قائم ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ترجمانن جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان پينڊورا پيپرز جي جاچ جو حڪم ڏيندي اعليٰ سطحي سيل قائم ڪري ڇڏيو. ٽوئيٽر تي وفاقي وزير فواد چوڌري لکيو ته ، پينڊورا ليڪس جي جاچ  لاءِ وزيراعظم عمران خان ، وزيراعظم انسپيڪشن ڪميشن تحت اعليٰ سطح جو جاچ سيل قائم ڪيو آهي. سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ، اعليٰ سطحي جاچ سيل پينڊورا ليڪس ۾ شامل سمورن ماڻهن کان جواب طلب ڪندو. پينڊورا ليڪس بابت حقيقتون قوم جي سامهون آنديون وينديون. ذريعن موجب ايف آءِ اي، نيب ۽ ايف بي آر  ۽ اينٽي ڪرپشن پينڊوراليڪس ۾ شامل ماڻهن بابت جاچ ڪندي. ياد رهي ته پينڊورا پيپرز ۾ 700 کان وڌيڪ پاڪستانين جون آف شور ڪمپنيون سامهون آيون آهن. جن ۾ ڪجهه رٽائرڊ فوجي آفيسر به شامل آهن.

وڌيڪ تفصيل هن خبر ۾ پڙهو

پهنجو تبصرو موڪليو