وزيراعظم پاران عاصم سليم باجوا جي استعيفيٰ منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيئرمين سيپيڪ ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوا چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان معاون خصوصي واري عهدي جي استعيفيٰ قبول ڪري ورتي آهي. هن ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ان جي تصديق ڪندي چيو ته وزيراعظم سندس گزارش تي سندس استعيفيٰ منظور ڪئي آهي. هن وٽ اطلاعات جي اضافي چارج هئي. هو بدستور چيئرمين سيپيڪ ڪم جاري رکندو. ياد رهي ته سندس خاندان جي 11 ارب کان مٿي جي 4 ملڪن ۾ ملڪيت جو انڪشاف ٿيو هو جنهن بعد هن استعيفيٰ ڏني هئي پر وزيراعظم اها قبول نه ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو