وزيراعظم پاران اثاثا ظاهر ڪرڻ واري اسڪيم جي تاريخ وڌائڻ جو اشارو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي ايف بي آر تي ڀروسو ناهي، اداري ۾ سڌارا شروع ڪيا آهن. ڪاروباري برادري سان ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب دوران عقيل ڪريم ڍيڍي جي سوال تي هن چيو ته حڪومت تي وڏو دٻاءُ آهي ته اثاثا ظاهر ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت مليو آهي ۽ 30 جون تائين رجسٽريشن مشڪل آهي پر مان چوان ٿو اوهان اڻ ڄاڻايل ملڪيت ظاهر ڪيو 4 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪريو بقايا رقم بعد ۾ ادا ڪجو. جنهن مان لڳي پيو ته وزيراعظم ڊيڊ لائن وڌائيندو ڪجهه مهينا. هن چيو ته 1960 کانپوءِ اسانجي واحد حڪومت آهي جيڪا بزنس فرينڊلي آهي، اسين ڪاروباري برادري کي سهولت ڏيڻ چاهيون ٿا. ٽيڪس جي نظام ۾ ڪرپشن ۽ ڪمزورين بابت عقيل ڪريم جي سوال تي وزيراعظم چيو ته ان کي ٺيڪ ڪريون پيا. عوام جو اعتماد بحال ڪنداسين، مان گارنٽي ٿو ڏيان ته اوهان اثاثا ظاهر ڪريو ٽيڪس ڏيو آئنده ڪو به اوهان کي تنگ نه ڪندو. وزير اعظم چيو ته عوام سمجهي ٿو ته ان جي ٽئڪس جو پئسو ضايع ٿي ويندو، ماڻهن کي احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته قوم جو پئسو قوم تي ئي خرچ ٿيندو. هن چيو ته قوم چاهي ته اسان 8 هزار ارب ٽئڪس آساني سان گڏ ڪري سگهون ٿا، قوم فيصلو ڪري ته ملڪ کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻو آهي يا قرضن جي ڌٻڻ ۾ رهڻ ڏيڻو آهي. هن چيو ته اڳوڻن حڪمرانن جي ڪري ملڪ ۾ ٽئڪس ڪلچر کي هٿي نه ملي سگهي، ملڪ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ڪرپشن آهن،ڪرپشن جي ڪري مهانگائي ۾ اضافو ٿيو ۽ بيروزگاري به وڌي وئي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ 20 لک ماڻهو ٽئڪس ڏيندا آهن، 21 ڪروڙ ماڻهو جيڪڏهن حصو وجهن ته پاڪستان خوشحال ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو