وزيراعظم ٻن ڏينهن جي دوري تي ازبڪستان پهچي ويو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وچ ايشيا ۾ امن لاءِ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءَ وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي ازبڪستان پهچي ويو آهي. وزيراعظم دوري دوران ازبڪستان جي سول ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪندو، وزيراعظم جي وفد ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري، شيخ رشيد، علي زيدي، معيد يوسف ۽ عاطف خان شامل آهن. وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب وزيراعظم جي دوري دوران پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ واپار وڌائڻ، ٽيڪنالوجي ۾ تعاون سميت مختلف معاهدن توڙي يادداشتنامن تي صحيحون ڪيون وينديون، وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم جو دورو معاشي ۽ سيڪيورٽي لحاظ کان انتهائي اهم آهي، افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي. وزيراعظم روانگي کان اڳ افغان صدر اشرف غني ۽ حامد ڪرزئي کي افغانستان ۾ امن بابت پنهنجي ميزباني ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ فون تي دعوت ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو