ورلڊ رڪارڊ، 9ٻارن جي ڄمڻ جي ھڪ ئي تاريخ

رياض سهيل

پاڪستان جي صوبي سنڌ جو هڪ استاد ٻن سالن جي ڪوششن کان پوءِ پنهنجي خاندان جو نالو گنيس ورلڊ رڪارڊز ۾ شامل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.اسان جي خاندان جا 9 ڀاتي / فرد ساڳئي تاريخ يعني پهرين آگسٽ تي پيدا ٿيا. امير علي هڪ آمريڪي شهري جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي.گينيز ورلڊ ريڪارڊ 1966 جي مطابق ، ڪيمنز خاندان جا 5 ٻار هڪ ئي تاريخ يعني 20 فيبروري تي پيدا ٿيا. امير علي منگي جو تعلق لاڙڪاڻي جي علائقي ڌامراھ سان آهي ۽ هو هاءِ اسڪول جو استاد آهي هن ٻڌايو ته هو پهرين آگسٽ 1968 ۾ پيدا ٿي. هن جي زال پهرين آگسٽ 1973 ۾ پيدا ٿي. هن جو پهريون ٻار  ڌيءُ سندھو امير پهرين آگسٽ 1990 ۾ پيدا ٿي ، ان کانپوءِ جاريون ٻہ ڌيئرون سسي ۽ سپنا 1 آگسٽ 1998 ۾ ۽ پٽ عامر 1 آگسٽ 2001 ،  پٽ امبر پهرين آگسٽ 2002 ۽ ٻه جاڙا پٽ عمار ۽ احمر 1 آگسٽ 2003 ع تي.

امير علي منگي علم نجوم تي يقين رکي ٿو هو چوندو آهي تہ هن جو ستارو اسد آهي هن جي زندگي جو هر واقعو خوش قسمت ھڪ عدد جي ڪري آهي جڏهن هن تعليم کاتي ۾ نوڪري حاصل ڪئي تہ اھا تاريخ پهرين آگسٽ هئي. اھڙي طرح ان جي شادي  1 آگسٽ تي ٿي.

Photo Courtesy BBC

اھا تاريخ  ان ڪري رکي وئي جو  ان جي شروعات ھڪ عدد واري خوش قسمت نمبر سان ٿئي پئي.  امير منگي پڻ پامسٽ  ۽ شاعر آهي .هن سوشيالاجي ، آئي آر ، اقتصاديات سميت ڪيتريون ئي  ماسٽر جون ڊگريون حاصل ڪيو آهن .هن ٻڌادو تہ ھو پوري خاندان جي سالگرهه جو ڪيڪ ساڳئي ڏينهن تي ڪٽي ڪري مھائي ٿو.  امير علي منگي دعويٰ ڪئي آهي ته هن جا سمورا ٻار نارمل ڊليوري ذريعي پيدا ٿيا آھن جنهن کانپوءِ هن مقامي يونين ڪائونسل ۾ انھن جي پيدائش کي داخل ڪرايو. “منهنجو هڪ دوست آهي  سعيد احمد هن مون  کي صلاح ڏني  تہ  مان هن رڪارڊ جي دعويٰ ڪريا پوءِ  نتيجو جيڪو بہ نڪري. 2018 ۾  آئون آن لائن دعوي داخل ڪئي. شروعات ۾  مون ڪوبه رڪارڊ نه موڪليو هو. ان کان پوءِ قومي  شناختي ڪارڊ نمبر  ، ھر ھڪ فرد جي الڳ الڳ تصوير ، اسڪول سرٽيفيڪيٽ ۽ يونين ڪائونسل مان پيدائش جا سرٽيفڪيٽ ھنن ڏانهن موڪليا، جڏهن ته هنن  نادرا واران سان پاڻ رابطو ڪيو. امير علي منگي ٻڌايو تہ هن ڊسمبر 2020 انھن سان رابطو ڪيو  ۽ مارچ 2021 ۾ ھنن ۾ مون کي سرٽيفڪيٽ ڏنو. گنيز ورلڊ ريڪارڊ ويب سائيٽ جي مطابق سڀ کان وڌيڪ ھڪ ئي خاندان جي ڀاتين/  فردن جو ھڪ ئي تاريخ تي پيدا ٿيڻ جو رڪارڊ پاڪستان جي لاڙڪاڻي جي شهري امير علي منگي حاصل ڪيو آهي. ھي ڪٽنب خاندان جي سربراهه امير علي منگي ۽ سندس زال خديجه، 7 ٻار سندھو ، سسئي ، سپنا ، عامر، امبر ، عمار ۽ احمد تي مشتمل آهي ، جن جي عمر 17 ۽ 28 سالن جي  وچ واري آهي ، جن ۾ ٻہ جاريو ڌيئرون ، 1998 ۽ 2 جارا پٽ  2003 ۾ پيدا ٿيا. امير علي جا ٽي پٽ انجنيئرنگ، ٽي ڌيئرون فزيڪل ايجوڪيشن ۽ هڪ پٽ B.Sc جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. (هي اسٽوري بي بي سي اردو تي شايع ٿي جيڪا جاويد سولنگي سنڌيار لاءِ ترجمو ڪئي.)

پهنجو تبصرو موڪليو