روپوش ٿيل وحشي استاد کي نيٺ پوليس گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي (نمائندن وٽان) ٽيوشن پڙهڻ لاءِ ايندڙ معصوم ٻارڙن تي جنسي تشدد ۽ کين گروپ سيڪس لاءِ مجبور ڪري سندن ويڊيو ٺاهيندڙ وحشي صفت رٽائرڊ استاد کي خيرپور مان پوليس گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سجاد ڪٻر موجب نيٺ شهرين جي احتجاج رنگ لاتو ۽ جوابدار گرفتار ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته هو سندس رمانڊ وٺي جاچ ڪري کيس چالان ڪندا. جوابدار تي ٺري ميرواهه ٿاڻي تي ٻه ڪيس داخل آهي. جوابدار روپوش ٿي ويو هو۽ پوليس سندس ويجها ما؟ٽ ۽ ساٿي گرفتار ڪيا هئا جن جي نشانسهي تي کيس گرفتار ڪيو ويو. هوڏانهن سول سوسائٽي جا مظاهرا جاري آهن ۽ هنن مطالبو ڪيو آهي ته کيس قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. سندس گرفتاري لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج به ڪيو ويو. ***خيرپور مان سجاد علي ڪٻر موجب ٺري ميرواھ شھر ۾ نينگر سان بدفعلي ۽ ويڊيو ٺاهيندڙ ٽيوشن پڙهائيندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو هو..

Photo Sindhyar

سياسي سماجي ڌرين شهرين ۾ تاءُ سخت ڪاوڙ پکڙيل آهي، سوشل ميڊيا ۽ متاثر نينگر جي وارثن پاران جوابدار جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو آهي. جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻيل نينگر جي والد زاهد مڱڻھار ۽ سڪندر جانوري جي فرياد تي ميرواھ ٿاڻي تي ٺري سارنگ شر خلاف ڪيس ته داخل ڪيا ويا آهن پر هن مهل تائين جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي، ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي جي نوٽيس وٺڻ باوجود جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي ٻئي طرف ٺري ميرواهه پوليس جو چوڻ آهي ته ڪجهه ماڻهن کي عيوضي طور رات دير سان مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي گرفتاريون ڪيون آهن مين جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي، جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو.****سڪرنڊ مان فقير راج ڪماراوڏ موجب ٺري ميرواھ ۾ 10 سالن جي معصوم شاگرد ساحل مڱڻهار سان، ماستر سارنگ شر پاران ڪيل جنسي ڏاڍائيء واري واقعي ۽ سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ڪري انسانيت کي لڄائيندڙ عمل خلاف صحافي چوڪ  تي جسقم سڪرنڊ پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .

Photo Sindhyar

مظاهري جي اڳواڻي جسقم تعلقي جو صدر مسعود شاھ ، راڻو خان جلباڻي، مورڙو ميربحر ۽ ايس ٽي پي جو ايوب کوسو ڪري رهيا هئا . ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سارنگ شر  پاران  10 سالن جي معصوم ساحل مڱڻهار سان جنسي ڏاڍائي جي سخت مذمت ڪيون ٿا. سارنگ شر استاد جهڙي مقدس نالي کي شرمسار ڪيو آهي ۽ معصوم ساحل جي زندگي برباد ڪري ڇڏي آهي . هن اها وڊيو وائرل ڪري نه رڳو معصوم ساحل کي پر سندس والدين ۽ عزيزن کي  رسوا ڪيو آهي . هنن چيو ته  ماستر سارنگ شر کي گرفتار ڪري شهر جي چوڪ تي ڦاسي ڏني وڃي ته جيئن ٻيهر ڪو ساحل ، ڪنهن سارنگ شر جي وحشي پڻي واري عمل جو شڪار نه ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو