واپڊا وارا پئسا وٺي ويا ٽرانسفارمر نٿا لڳائن، واپارين جو احتجاج

مدئجي(ن س) شاهي بازار ۾ ٻن مهينن کان ٽرانسفارمر سڙيل هجڻ ڪري دوڪاندار ايسوسيشن جو صدر سترام داس، نور محمد جوکيو، سعيد بروهي، راحب خاصخيلي، سنديپ ڪمار، بسنت لعل، مسعود بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علي وارث چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي ۽ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا اڳيان داهيندين چيو ته شاهي بازار ۾ ٻن مهينن کان مسلسل ٽرانسفارمر سڙي ويو آھي. جنهن بعد واپڊا وارا ٽرانسفارمر هڻڻ بهاني ٻه ڀيرا پئسا وٺي ويا آھن. ان باوجود به ٻن مهينن کان ٽرانسفارمر نه پيو لڳايو وڃي. هنن چيو ته شاهي بازار ۾ سيڪيور ميٽر لڳايا ويا آھن، جن جو ڳرو بل ڀريون پيا. هنن چيو ته شهر اندر پرائيوٽ ماڻھون ڪم پيا ڪن جيڪي هزارين روپيه منٿلي وٺي لائين سپريڊنٽ کي ڏين ٿا. هنن چيو ته بجلي نه هجڻ ڪري شاهي بازار ۾ ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آھي. هنن چيو ته جيڪڏھن ٽرانسفارمر نه لڳايو ويو ته شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو