واپڊا ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرس يونين پاران مزدورن جي سيفٽي عوام الناس جي سيفٽي مزدورن جا شوڪاز نوٽيس ايمرجنسي جي صورت ۾ اسٽاف جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ آپريشن ڊويزن سيپڪو دادو کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا پريس ڪلب دادو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ريلي جي اڳواڻي زاھد حسين لنڊ ڪئي، عبدالحميد جمالي زونل چيئرمين الطاف پلهه زونل سيڪريٽري ضمير احمد ڪوريجو سب ڊويزنل۾ چيئرمين محمد علي ملاح لقمان خشڪ دين محمد اتيرو امام دين ملاح ۽ ٻين ريلي ۾ سوين ملازمن شرڪت ڪئي مظاهرو ڪندڙن ۾ آر بي او ڊي جا ملازم پڻ شريڪ هئا ان موقعي تي مظاهرين خطاب ڪندي چيو ته واپڊا سيپڪو جا ملازم بغیر سيفٽي بغیر تحفظ جي پراڻين لائينن تي ڪم ڪري رهيا آهن جنهن سبب تمام گهڻا حادثه ٿي رهيا آهن ۽ ملازمن جون زندگيون وڃائي رهيا آهن هنن مطالبو ڪيو آهي ته ملازمن کي سيفٽي مهيا ڪئي وڃي ۽ تحفظ ڏنو وڃي هنن وڌيڪ چتاء ڏيندي چيو ته ٻي صورت ۾ سڄي ملڪ جي بجلي بند ڪئي ويندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو