واٽس ايپ پاران اهم فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

لنڊن (ويب ڊيسڪ) سموري دنيا ۾ مشهور ميسجنگ ايب واٽس ايپ جا ڪروڙين صارفين ايپ مان في الحال فائدو کڻڻ جي لاءِ انٽرنيٽ ڪنيڪشن جا محتاج آهن پر هاڻ ڪمپني طرفان ان حوالي سان اهم فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.واٽس ايپ طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته ڪمپني جلد ئي هڪ اهڙو نئون فيچر متعارف ڪرائڻ وڃي رهي آهي جيڪو صارفين کي انٽرنيٽ ڪنيڪشن کان سواءِ ڪيترن ئي ڊيوائسز تي واٽس ايپ استعمال ڪرڻ جي سهوليت فراهم ڪندو. ويب بيٽا انفو موجب واٽس اپ جو ملٽي ڊيوائس فيچر في الحال تياري جي مرحلي ۾ آهي جيڪو ايندڙ ٻن مهينن جي دوران اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس ٽيسٽر  ٻنهي جي لاءِ لانچ ڪرايو ويندو.ٽيڪنالاجي رپورٽ موجب واٽس ايپ جي سربراهه اول ڪيته ڪارٽ ۽ واٽس ايپ جي سي او مارڪ زڪربرگ طرفان به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي ته ملٽي ڊيوائس فيچر ٻن مهينن جي دوران متعارف ڪرايو ويندو پر فيچر کي بهتر بنائڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو.

پهنجو تبصرو موڪليو