واٽس ايپ نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عالمي سطح تي مشهور ميسيجنگ ايپ واٽس ايپ اپ ڊيٽ جي طور تي هڪ نئون فيچر ”UNDO“ متعارف ڪرايو آهي. ميڊيا رپورٽس موجب واٽس ايپ جو نئون فيچر UNDO گوگل پلي بيٽاگرام جي ذريعي پيش ڪيو ويو آهي. اهڙي فيچر جي ذريعي واٽس ايپ جي ڪنهن به صارف لاءِ واٽس ايپ اسٽيٽس کي ڊليٽ ڪرڻ وڌيڪ سولو بڻجي ويندو. هن وقت تائين صارفين  اسٽيٽس ڊليٽ ته ڪري سگهندا آهن پر هاڻي انهن کي نئين فيچر سان اسٽيٽس ڊليٽ ڪرڻ جي سهولت موجود هوندي جنهن سان وڌيڪ سولائي ٿي ويندي. اسٽيٽس ڊليٽ ڪرڻ جي لاءِ هاڻي واهپيدارن کي ڊليشن پروسيس مان گذرڻو پوندو، جنهن کانپوءِ اهڙي اپ ڊيٽ جو صارف کي اطلاع ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو