واٽس ايپ صارفين لاءِ نوان فيچر متعارف ڪرائڻ لاءِ تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) واٽس ايپ پاران نيا فيچر متعارف ڪراڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جيڪي فيس بوڪ جي زير ملڪيت ايپليڪيشن ۾ ايندڙ چند ھفتن اندر صارفين کي دستياب ٿي ويندا. انهن مان زياده تر فيچرز جي باري ۾ پھريان کان معلوم ٿي چڪو ھو ڇو جو اھي بيٽا ورشن ۾ اچي ويا هئا. مگر ھاڻي ڪمپني جي اعلان کان پوءِ اسان ڄاڻي چڪا آهيون ته اھي سڀ عام صارفين جي استعمال ۾ جلد اچي ويندا. انھن مان ھڪ فيچر نئين ڪانٽيڪٽس کي آساني سان ايڊ ڪرڻ جي حوالي سان آهي ۽ ان مقصد لاءِ واٽس ايپ پاران نيو ڪيو آر ڪوڊ متعارف ڪرايو ويو آهي. ان فيچر سبب صارف ڪنهن ٻئي صارف جي ڪيو آر ڪوڊ کي اسڪين ڪري ڪانٽيڪٽس ۾ شامل ڪري سگهندا، يعني فون نمبر کي ٽائپ ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي. ھي فيچر ڪيترائي مھينا پھريان بيٽا ورشن ۾ آيو هو ۽ ھاڻي تمام صارفين لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي. ان طرح سان ھڪ فيچر وڊيو ڪالنگ جي حوالي سان آهي جنهن کي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي. وڊيو ڪالز ۾ پهريون ئي 8 ماڻهن تائين سپورٽ فراهم ڪئي وئي هئي، ھاڻي نئين فيچر ۾ صارف ڪال ۾ شريڪ ڪنهن به فرد جي آئيڪون کي ڪجھه دير تائين دٻائڻ سان فل اسڪرين ۾ ڏسي سگھندا. انھي طرح سان گروپ چيٽس اندر ھڪ وڊيو آئيڪون به ڏنو پيو وڃي جنهن جي ذريعي سنگل ڪلڪ سان گروپ وڊيو ڪال شروع ٿي ويندي، مگر ھي صرف انھن گروپن ۾ نظر ايندو جنهن ۾ ماڻهن جو تعداد 8 يا انهن کان گهٽ ھوندو. ھڪ ٻيو فيچر اينيميٽڊ اسٽيڪر پيڪس جو آهي جنهن جي آزمائش ڪجھه عرصي کان بيٽا ورشن ۾ به ٿي رھي آھي. بظاھر اھي اينيميٽڊ اسٽيڪرز واٽس ايپ ۾ موجود اسٽيڪرز جھڙا آھن بس انھن ۾ رڳو اينيميشن جو اضافو ڪيو ويو آهي. واٽس ايپ وشن ۽ ڊيسڪ ٽاپ سروس جي لاءِ ھڪ نئون ڊارڪ موڊ به پيش ڪيو ويو آهي جيڪو موبائيل ايپس اندر پھريان کان موجود ھو. آخري فيچر ڪائي آپريٽنگ سسٽم ڪم ڪرڻ وارن  فيچرز فون اندر اسٽيٽس فيچر جو اضافو آهي. واٽس ايپ جو چوڻ آهي ته ويب ورشن لاءِ ڊارڪ موڊ ۽ ڪائي او ايس جو اسٽيٽس فيچر ھاڻي لائيو آھي جڏھن ته ٻيا فيچرز ايندڙ ھفتن ۾ صارفين لاءِ دستياب ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو