واٽس ايپ تي صارفين وڊيوز ۽ تصويرون هڪ ڀيرو ڏسي سگهندا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) عالمي طور تي مشهور ميسجنگ ايپ واٽس ايپ جلد ئي هڪ اهڙو فيچر متعارف ڪرائيندو جنهن جي تحت صارفين واٽس ايپ تي ملندڙ وڊيوز ۽ تصويرن کي هاڻ صرف هڪ ڀيرو ئي ڏسي سگهندا.واٽس ايپ جي هر سرگرمي تي نظر رکندڙ ويب سائٽ ويب بيٽا انفو موجب واٽس ايپ جلد هڪ فيچر متعارف ڪرائڻ وارو آهي جيڪو صارفين کي اهڙيون تصويرون ۽ وڊيوز موڪلڻ جي اجازت ڏيندو جيڪي صرف هڪ ڀيرو ئي ڏسي سگهبيون. هن فيچر جي ذريعي صارفين کي اها سهوليت ڏني ويندي ته جنهن شخص ڏانهن پيغام اماڻيو وڃي ان کي ڏسڻ ڏسڻ کان پوءِ اهو پاڻمرادو فوري طور تي ڊيليٽ ٿي ويندو.نظر ايندڙ فيچر کي ان ايبل ڪرڻ کان پوءِ اوهان کي موڪليل پيغام صرف هڪ ڀيرو ئي کلي سگهندو. البته صارف پيغام ڊيليٽ ٿيڻ کان اڳ اسڪرين شاٽ وٺي سگهي ٿو. هن فيچر جي تحت پيغام وصول ڪندڙ کولڻ کان پوءِ واٽس ايپ تي پيغام موڪليندڙ صارفين جي تصديق به ڪري سگهندو.رپورٽ موجب هن فيچر جي تحت صارفين موبائل اسپيس جي بچت به ڪري سگهندا. جڏهن ته  مذڪوره فيچر جلد ئي متعارف ڪرايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو