واهه مان نوجوان ناري جو تشدد ٿيل لڙهندڙ لاش هٿ

ڪشمور )جي ايم کوسو ( گڊو لڳ 17 آر ڊي پل انڊس ھائي وي  جي ويجھو  نوجوان نامعلوم ناري جو لاش ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو . واقعي واري ھنڌ گڊو ايس ايڇ او ممتاز خاصخيلي پھچي ايمبولينس ذريعي لاش کي پوسٽ مارٽم لاء تعلقه اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو . ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او گڊو جو چوڻ آھي ته ناري جي ڳلي ۽ جسم تي تشدد جا نشان موجود آھن پوليس جو چوڻ  آھي ته ناري پنجاب جي آھي ۽ سندس عمر اٽڪل 25 کان 30 سال لڳي پئي وڌيڪ تفصيل ٻڌائيندي هن چيو ته پوسٽ مارٽم جي رپوٽ اچڻ کان پوء خبر پئي سگھبي ته ناري کي ڪيئن قتل ڪيو ويو آھي جڏھن ته ھن محل تائين قتل ٿيل ناري جي وارثي نه ٿي سگھي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو