وانگار نه وهڻ تان وڏيري جي تشدد سبب پورهيت فوت

نوشهروفيروز (منظور ملڪ)وڏيري جي ظلمن جو شڪار ڳوٺ حافظ محمد يعقوب تنيو جو رهواسي الاهي بخش عرف ارشاد عمراڻي پريس ڪلب اڳيان روئيندي ٻڌايو ته ڳوٺ جو وڏيرو عزيزالله تنيو ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي ڀاءَ ڪريم عمراڻي کي ٻني جي وانگار نه وهڻ تان بنگلي تي گهرائي بدترين تشدد ڪيو جنهن سب هو لڳاتار اسپتال ۾ پيل هو جيڪو اڄ گذاري ويو آهي. هن چيو ته اڄ هڪ طرف گهر ۾ ڀاءُ جو لاش پيل آهي ته ساڳيو وڏيرو مون کي ونگار وهڻ جو چيو انڪار تي هن مون مٿان به تشدد ڪيو. هن چيو ته غريب ٿيڻ ڪو ڏوهه ناهي وڏيرو عزيزالله انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن ڪورونا وائرس جي وبا سبب هڪ طرف مزدوري بند آهي ته ٻئي طرف وڏيرو مفت ۾ وانگار نه وهڻ تان غريب ماڻهن مٿان تشدد ڪري رهيو آهي ۽ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته ڪورٽون ۽ ٿاڻا منهنجا آهن جيڪو به وانگار نه وهندو ان تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائيندس. هن لڙڪ لاڙيندي هاريندي ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته وڏيري عزيزالله تنيو خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي انصاف ڏياريو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو