وارهه جي اڪثر شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ٻيجارو سڙڻ لڳو

وارهه(طالب حسين چانڊيو) آبپاشي کاتي جي بدانتظامي سبب زرعي پاڻي جي ھٿرادو کوٽ عوام جي چيلھ چٻي ڪري وڌي، لکين روپين جا پوکيل سارين جا ٻج سڙڻ لڳا. عوام سخت  پريشان پناهه شاخ ڪنور شاخ پنهوارو شاخ لنڊي شاخ ۽ ٻين مڙني شاخن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ برقرارآهي. اڳ وارا زميندار واٽرن جا منهن موڪرا ڪري گهڻو پاڻي استعمال ڪري رهيا آھن چوويھ ڪلاڪ واٽر بند نه ٿا ڪن واڌو پاڻي سم نالن ۾ ڇوڙ ڪري ڇڏين ٿا جنهن سبب اسان جون زمينون بنجر ٿي ويون آھن. شاخن جي پڇڙي تائين کاٽي گذريل ڏهن سالن کان وٺي نه ٿي آھي. عام ماڻهن جي گذر سفر زراعت تي آهي پر ڪافي عرصي کان فصل به متاثر ٿي رها آهن. متاثر آبادگارن مطالبو ڪيو آهي ته پاڻي ڏيو ۽ اسان جو معاشي قتل بند ڪريو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو