هڪ پلاٽ ٻه دعويدار، احتجاج، هڪٻئي تي قبضي جا الزام

ڪلوئي(غلام مصطفيٰ نهڙيو) ڳوٺ موجايو جي رهواسي عبدالغفور نهڙيو گل محمد نهڙيو عبدلخالق نهڙيو رمضان نهڙيو موسي نهڙيو احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ ذاتي پلاٽ آهي جنهن جا اسان وٽ ڪاغذ موجود آهن پر اسان جي ڳوٺ جو رهواسي ملوڪ سومرو جيڪو هڪ چور قسم جو ماڻهو آهي، هر وقت اسان کي بلا جواز تنگ ڪري ٿو ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪري اسان جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته گذريل اليڪشن ۾ ووٽ نه ڏيڻ تي سياسي انتقام ورتو پيو وڃي. هنن چيو ته اسان ڪنهن به نيڪ مرد وٽ ملوڪ سومرو فيصلو رکي اسان فيصلو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. مختيارڪار۽ تپيدار به اسان جي حق ۾ فيصلو ڏنو پر تنهن باوجود ملوڪ سومرو ٻاهران هاشم سومرو عزيز سومرو ۽ ٻين غنڊن کي گهرائي گهر وٽ ويهاري اسان تي حملي جي تياري پيو ڪري. اسين ايس ايس پي ٿرپارڪر کان مطالبو ڪريون ٿا ته مهرباني ڪري ملوڪ سومرو جي ڏاڍ جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف ساڳي ڳوٺ جي رهواسي حامد سومرو رمضان سومرو عزيز سومرو ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو حتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان تي نهڙي برادري جي ماڻهن گهر تي ڪاهه ڪري تشدد ڪيو آهي. هنن چيو تي تڪرار وارو پلاٽ اسان جو آهي جنهن تي نهڙي برادري وارا قبضو ڪري ويٺا آهن. هنن چيو ته اسان اعلي اختيارين کان انصاف جو مطالبو ٿا ڪريون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو