هڪ لک 29 هزار سرڪاري نوڪريون ڏيڻ جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا بينظير انڪم سپورٽ مان فائدو حاصل ڪندڙ سرڪاري ملازمن ۽ صاحب حيثيت ماڻهن جا نالا پڌرا ڪرڻ، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن مريم نواز ۽ جاويد لطيف جا نالا ملڪ کان ٻاهر وڃڻ واري پابندي جي لسٽ “اي سي ايل” ۾ وجهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اڱاري تي ٿيل اجلاس ۾ هڪ لک 29 هزار سرڪاري ملازمن جي ڀرتين، 30 سالن کان سرڪاري ملازمن جي سينارٽي، پروموشن ۽ ٻين سروس معاملن کي جلد اڪلائڻ جي به منظوري ڏني وئي. جي منظوري به ڏني وئي ۽سرڪاري ملازمن جي ڀرتي ۽ سندن زير التويٰ معاملا اڪلائڻ لاءِ ٻن مهينن اندر طريقه ڪار واضح ڪرڻ لاءِ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي. ڪابينا ۾ پاڪ سعوديه ايئر سروسز جي معاهدي ۾ ترميم جي به منظوري ڏني وئي آهي. ايڊمرل ذڪا الرحمان کي ميري ٽائم سيڪورٽي جو دائريڪٽر جنرل، برگيڊيئر ضياعابد باجوا کي هيور انڊسٽريز ٽيڪسيلا ۾ ميمبر پروڊڪشن ۽ سردار عبدالمجيد خان کي وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو