هڪ لک سهانجڙي جا وڻ لڳائڻ جو منصوبو شروع

خيرپور ناٿن شاهه (رپورٽ برڪت چانڊيو )ٿرديپ ۽ ڳوٺاڻي تنظيم خوشحالي غذائيت جي کوٽ واري پروگرام( پنس) جي سھڪاري سان سھانجھڙي جي وڻ جي وڻڪاري مھم جي آغاز ڳوٺ محمد حسن آرائين يوسي راھوجا کان شروعات ڪئي وئي. ھن مھم ۾ ھڪ لک وڻ تعلقه ڪي اين شاھ ۾ لڳايا ويندا آھن. سھانجھڙي جو وڻ غذائيت جي کوٽ کي ختم ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. ٿرديپ جي پنس پروگرام  جي ضلع آفيسر عبدالحميد سميجو ٻڌايو تہ سونھانجھڙي وڻڪاري جو مھم ڳوٺ محمد حسن آرائين مان ڪئي وئي. ٿرديپ، يورپي يونين ۽ سنڌ گورنمينٽ جي سھڪار سان ھلندڙ غذائيت جي کوث کي بھتر ڪرڻ جو پروگرام آھي.ٿرديپ پنس پروگرام جي تعاون سان ڳوٺاڻي تنظيم کي مڇي جو تلاء پڻ ٺھرائي ڏنو ويو آھي. ان تلاء مان نڪرندڙ مڇي ڳوٺاڻي تنظيم خوشحالي جا ميمبر يونين ڪائونسل جي غريب گھراڻن ۽ سستي اگھ تي وڪرو ڪندي تہ جيئن غريب ماڻھو مڇي کائي سگھن ۽ غذائي قلت جي کوٽ پورائو ڪري سگھي. وڻن جي پوکائي جي مھم ان تلاؤ تي سھانجھڙي جا 100 ٻوٽا لڳائي ان جو آغاز ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو