هڪ درويش صفت انسان سائين لعل بخش، عائشه جماري

سنڌ جي ڪوھستان جي نگري جيڪي مرد مڻيادار پئدا ڪيا انھن ۾ سائين لعل بخش جماري به ھڪ آھي جنھن پنھنجي زندگي ۾ ٻين جي رھنمائي ڪئي ۽ سندس شاعري، نصيحت ۽ فرمودات ذريعي اڄ به سندس پونئير سندن ڏسيل واٽ تي ھلي رھيا آھن. سندس جنم جھرڪ لڳ الھبچايو جماري بلوچ جي گھر ۾ 30 سيپٽمبر 1932ع تي ٿيو ۽ جھرڪ جي ھڪ پرائمري اسڪول ۾ ئي مائٽن کيس بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ڪيو جتان کان سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري سرڪاري اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيا ۽ گڏوگڏ اديب فاضل ۽ اديب عالم جا اعليٰ امتحان به امتيازي طريقي سان پاس ڪيائون. ائين سندس پيشيوراڻي سفر جي شروعات ٿي ۽ مختلف سرڪاري اسڪولن ۾ استاد ٿي ھزارين ٻارن کي سنڌي ٻولي جا بنيادي سبق ڏنائون. ائين سندن نالو ضلعي جي بھترين استادن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. ان دؤران 1959ع ۾ سندن شادي پنھنجي مامي جي ڌيءَ سان ٿي. کين 1965ع ۾ پھريون فرزند عزيزالله ٿيو جيڪو صغيري ۾ کين وڇوڙو ڏيئي الله کي پيارو ٿي ويو جڏھن ته بعد ۾ ھڪ نياڻي ۽ ھڪ فرزند الله بچايو جماري جو اولاد ٿيو. منھنجو والد صاحب سندن ننڍو ڀاءُ آھي، پاڻ خاندان ۽ ڳوٺ راڄ جا وڏا ھئا انڪري سندن ھر ڳالهه حرف آخر سمجھيو ويندو ھو. سندس چيل ڳالهه پٿر تي لڪير وانگر ھوندي ھئي ڇوته ھڪ ته عالم باعمل استاد ھئا ٻيو ته پاڻ جواني جي عمر کان ئي روحانيت طرف اچي ويا ھئا ۽ اھل الله ھئا سو ظاھري باطني علم کيس چارچنڊ لڳائي ڇڏيا. گورنمنٽ ھيڊماستر ھجڻ سان گڏوگڏ پاڻ ھڪ ھوميوپيٿڪ علاج ڪندڙ طبيب به ھئا جنھن اھڙين جڙي ٻوٽين مان دوائون تيار ڪيون جيڪي نسخا عام نه ھئا ۽ اھڙي ريت پنھنجي تَرَ جي ماروئڙن جي ظاھري ۽ باطني علاج ذريعي وڏي خدمت ڪئي. پنھنجي ڊيوٽي تان سروس جي آخري ڏينهن 30 سيپٽمبر 1978ع تي رٽائرمينٽ ورتائون ۽ الله جي مخلوق کي وڌيڪ وقت ڏيڻ شروع ڪيائون. سندن علمي ۽ ادبي پورھيو به بي مثال آھي. پاڻ نه صرف ھڪ ڪامل استاد، رھبر، رھنما، شاعر، عالم ۽ اديب ھئا پر ھڪ سٺا مقرر، مفڪر، مصور ۽ خطاط پڻ ھئا. سندن خطاطي مشھور آھي جنھن جا تمام سٺا نمونا پڻ سندن فرزند وٽ موجود آھن. قرآن پاڪ جا سٺا قاري ھئا ۽ انجي معنيٰ، مطلب ۽ شرح ايڏي ته سھڻي نموني بيان ڪندا ھئا جو ٻڌندڙ کي جلد سمجهه ۾ به ايندي ھئي ته گڏوگڏ ٻڌندڙ ان مٿان عمل پڻ آساني سان ڪرڻ ۾ ڪا دير نه ڪندو ھو. يقينن سندن زبان جي اندر اھا تاثير ئي ھئي جنھن سندن زبان کي پڪو ڪيو ۽ سوين انسانن کانئن فيض حاصل ڪيو. علمي ادبي کيتر ۾ بي بھا نسخا لکيائون. شاعري ۾ سڀ کان اول ”آصف“ جي تخلص سان لکندا ھئا جڏھن ته بعد ۾ وري ”لالڻ جھرڪائي“ جي دلڪش علمي ادبي سڃاڻپ واري نالي سان لکيائون. سندن پھريون ڪتاب ”رتي جي رھاڻ“ ڇپيو جنھن ۾ شاعري،  نظم ۽ نثر ھو.

Lal Bux Jamari with Pir Pagara, Photo by writer (Sindhyar)

جڏھن ته سندس ٻئي ڪتاب جا ٻه ڇاپا اچي چڪا آھن انجو نالو ”موٽي ماڳ نه  آيا“ آھي. انکان علاوہ ھن عظيم درويش جو ھڪ ڪتاب ”ڦاسي کان اڳ“ ڇپائي لاء تيار آھي جيڪو پاڻ ضياء جي دور ۾ لکيائون. انکان علاوہ سندس ٻيا قلمي ڪتاب جھڙوڪ؛ گندرن جي تاريخ, ڪينجھر ۽ آس پاس جا علائقا، خليل جبران جي ڪتاب ” اشق و تبسم” مان ترجمو ٿيل : لڙڪ ۽ مرڪ، کان علاوہ ٻيا بہ مختلف مقالا ۽ مضمون ڇپجڻ جي لاءِ تياري جي مرحلي ۾ آھن. سندن خاندان ۾ سنڌي ٻوليءَ جو برک ڏاھو پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجھي پڻ اچي ٿو جنھن جو ساڻس رشتو سڳو سؤٽ جو ھو پر پاڻ نه صرف منھنجي والد صاحب کي جيڪو سندن سڳو ڀاءُ ھو، محبت ڏيندا ھئا پر ڊاڪٽر محمد علي مانجھي جيڪو سندن سؤٽ ھو، ان سان به ھڪ سڳي ڀاءُ وانگر ھليا. سندن ڀيڻ جو به ڊاڪٽر صاحب سان نڪاح ڪرايائون جيڪا جلد الله سائين کي پياري ٿي ويئي. ڊاڪٽر محمد علي مانجھي کي ھميشه دعائون ڏيندا ھئا ۽ اڄ ڊاڪٽر محمد علي مانجھي صاحب پنھنجي امڙ ۽ ابي سان گڏوگڏ سائين لعل بخش جماري جھڙي جھوني اسڪالر ۽ اھل الله جي دعائن صدقي ۽ پنھنجي محنت ڪري سنڌي علم و ادب ۾ ھڪ الڳ ۽ خاص جڳھ ٺاھي چڪو آھي جيڪا نه صرف اسانجي خاندان پر جھرڪ ڪوھستان سميت سڄي ٺٽي ضلعي ۽ سموري سنڌ لاءِ ھڪ اعزاز جي ڳالھه آھي. سائين لعل بخش جماري جا واسطا ان وقت جي مشھور عالمن اديبن سان ھئا جن ۾ سائين جي.ايم.سيد،  مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سميت سنڌ جا ناميارا صوفي پير صاحب پاڳارا وغيرہ شامل آھن. جڏھن ته مخدوم طالب الموليٰ سان ته تمام گھڻي گھرائپ ھوندي ھئي جنھنجو ھڪ سبب علمي ادبي رشتو به ھو. پاڻ تصوف ۾ قادري ۽ نقشبندي سلسلي جا بزرگ ھئا جڏھن ته سندن واسطا تمام صوفين سان ھئا. ھميشه امن، پيار ۽ محبت جا درس ڏيندا ھئا. سائين لعل بخش جماري سچار ۽ محنتي ھئا، جنھن به شعبي ۾ ويا اتي محنت ڪيائون ۽ خوب محنت ڪري حق حلال کي ترجيح ڏنائون. ايتريقدر راتين جون راتيون جاڳي قلمي ڪوششون جاري رکندا ھئا. سندن جي مصروف زندگي جي ڪري آھستي آھستي سندن طبعيت خراب ٿيندي وئي. اھڙي ريت سنڌ جي لاڙ پٽ جي ھن نرالي بزرگ ۽ عالم اديب سنڌي علم و ادب جي ڀرپور نموني خدمت ڪئي. باالاخر 5 مارچ 2015ع ٽي سندس وفات ٿي ۽ سندس آخري آرامگاھ جھرڪ لڳ ميران پير قبرستان ۾ واقع آھي. دادو کان سندس ھڪ عاشق صادق فقير اعجاز ابڙي پنھنجو پاڻکي وصيت موجب سائين جن جي قبر جي پاسي ۾ دفن ڪرايو. سندن مزار تي عام ڏينھن ۾ به ڪيترائي پانڌيئڙا پري پري کان اچي فيض حاصل ڪندا رھندا آھن.  جتي سنڌ جي صوفيا ڪرام جي ثقافت وانگر ھر مھيني جي 14 تاريخ تي ۽ ھر سال سندن ورسيءَ تي سوين عاشق ۽ معتقد روحاني سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا آھن ۽ ھڪ علمي ۽ روحاني ميڙاڪو منعقد ڪري سندس عاشق ۽ شاگرد کيس ياد ڪندا آھن!

پهنجو تبصرو موڪليو