هٿياربند ٻن نوجوانن کي اغوا ڪري ويا، پوليس چُپ

ڪرمپور(ن س) ٺل جي B سيڪشن ٿاڻي جي حد  ڳوٺ حمل خان  جعفري مان 2 نوجوان اصغر علي جعفري ۽ نعمت الله جعفري کي رات دير سان اڻ سچاتل ڏوهاري اغوا ڪري ويا آهن. سندن وارثن جو چون آهي ته هو پنهنجي گدرن ۽ هنداڻن جي فصل تي ستل هئا ته نامعلوم هٿياربند کين اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا آهن. پوليس کي اطلاع ڏنو ويو آهي پر ڪابه ڪاروائي عمل ۾ ناهي آئي.

پهنجو تبصرو موڪليو