هٿياربند جي فائرنگ 2 اهلڪار شهيد، قاتل ڏوهاري مارجي ويو

گهارو (رپورٽ بشام جوکيو)گجو پوليس جي حد ۾ شاهين فارم وٽ پوليس ۽ قبضا مافيا وچم ۾ مقابلو ٿي پيو جنهن ۾  اي ايس آئي سخي مرگهر بلوچ موقعي تي شھيد ٿي ويو جڏھن ته  پوليس ڪانسٽيبل نواز زخمي ٿي پيو جيڪو پڻ ڪراچي ويندي رستي ۾ فوت ٿي ويو.  ڊي ايس پي ميرپور ساڪرو ايٽ گهارو  غلام رسول سيال ايس ايڇ او گهارو ممتاز بروھي  زخمي ٿي پيا جن کي رورل هيلٿ سينٽر گهارو  آندو ويو. شھيد اي آيس آئي سخي مرگهر بلوچ ڳاڙهو ٿاڻي تي تعينات ٿيل هو. ايس ايس پي ٺٽو وڌيڪ پوليس نفري طلب ڪري ورتي آهي.

Shaheed Police constable Nawaz’s dead body

ايس ايڇ او ممتازبروهي ميڊياکي ٻڌايو ته فريادي غلام سرور بروهي جي زمين تي ويٺل ڏوهارين خلاف داخل ڪرايل ڪيس ۾ نامزد ٿيل جوبدار سلطان پليجو، ڊاڪٽر نعيم پليجو، سڪندرشاهه ۽ صدرو لغاري سميت ٻين جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ جيئن ئي زمين تي پهتاسين ته اتي مورچن ۾ موجود 20 کان وڌيڪ هٿياربندن پوليس تي فائرنگ ڪئي. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اي ايس آءِ سخي مرگهر   موقعي تي شهيد ٿي ويو زخمي ٿيل ڊي ايس پي غلام رسول سيال کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ ڪراچي روانو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي.سهيد.اهلڪار جي جنازي نماز سرڪاري اعزاز سان ادا ڪرڻ بعد ساندس مڙهه اباڻي علائقي روانو ڪيو ويو. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪندڙ _وهاري صدر ولهاري ملاح مقابلي ۾ مارجي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو