هٿياربندن هٿان مبينا طور اغوا ٿيل ٽريڪٽر ڊرائيور بازياب

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) جاگيراڻي برادري جي هٿياربندن هٿان مبينه اغوا ٿيل ٽريڪٽر ڊرائيور سرور ڀيو علائقي جي معزيزين جي ڪوششن کانپوءِ بازياب ٿي گهر پهچي ويو. نوجوان جي گهر پهچڻ کان پوءِ علائقي ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي. مبينه اغوا ٿيل سرور ڀيو جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته جاگيراڻي برادري جي بدنام ڌاڙيل جيئند جاگيراڻي اسان جي همراهه کي دراني مهر ٿاڻي جي چوڪي ڀرسان يرغمال بڻائي سندس ٽريڪٽر ٽرالي ڦر ڪري کيس اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا هئا جنهن کان بعد پوليس کي اطلاع ڪيو سين پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو بعد ۾علائقي جي معززين جي ميڙ منٿ ۽ ڪوششن کان پوءِ ڌاڙيلن پاران نوجوان سرور ڀيو کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڦر ٿيل ٽريڪٽر جي واپسي لاءِ هو لکين روپيا ڀتو گهري رهيا آهن. هنن ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي ڦر ٿيل ٽريڪٽر واپس ڪرائي تحفظ ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو