هٿرادو مهانگائي ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم

ميرپور ماٿيلو(رپورٽ ظھير وسير) گهوٽڪي ضلعي ۾ هٿرادو مهانگائي ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو، عام واهپي جي شين جا غيررجسٽرڊ گودام سيل ٿيندا، ڊپٽي ڪمشنر سمورن هول سيلرز  کي 3 ڏينهن اندر خريداري بل لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنرن وٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ هٿرادو مهانگائي خلاف قدم کڻڻ لاءِ هڪ گڏجاڻي منعقد ٿي جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن سميت مارڪيٽ ڪاميٽي جي عملدارن ۽ دوڪاندارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته واپارين ۽ دوڪاندارن کي عام واهپي جي شين جا هٿرادو اگهه وڌائڻ جي اجازت نه ڏينداسون، دوڪاندارن پنهنجو قبلو درست نه ڪيو ته کين قانون موجب جيل جي هوا کائڻي پوندي. هن چيو ته ضلعي جي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ انتظاميه جي ذميواري آهي انڪري ضلعي جي منافعي خورن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو ته جيئن غريب طبقي جون مشڪلاتون گهٽجي سگهن. هن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪئي ته هو هڪ هفتي اندر پنهنجي پنهنجي تعلقي جي هول سيلرز کان خريداري بل طلب ڪن ته جيئن انهن جو جائزو وٺي عام واهپي جي شين جا اگهه مقرر ڪري سگهجن جڏهن ته سبزي منڊين ۾ نيلامي جي سخت نگراني ڪئي وڃي ۽ منڊي کان ٻاهر سبزي ۽ فروٽ نيلام ڪندڙ آڙتين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ان کان علاوه غير رجسٽرڊ گودامن کي سيل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. هن مارڪيٽ ڪاميٽي جي عملدارن کي پڻ سختي سان هدايت ڪئي ته هو بازارن جو روزانو جي بنيادن تي دورا ڪري جائزو وٺن ۽ سمورن دوڪاندارن کي پابند بڻايو وڃي ته هو عام واهپي جون شيون مقرر ٿيل اگهن تي وڪرو ڪن ۽ ريٽ لسٽون نمايان ڪيون وڃن ته جيئن عوام کي سرڪاري اگهن متعلق معلومات ملي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو