`هيءُ منھنجو وطن ناهي´، امر جليل

مان اڄوڪو ڪالم بي انتها ندامت شرم ۽ ذلت جي احساس مان لکي رهيو آهيان. اڄوڪو ڪالم غلامي محرومي ۽ جلاوطني جي احساس مان لکي رهيو آهيان. اڄوڪو ڪالم ڏک ۽ مايوسي مان لکي رهيو آهيان. اڄوڪو ڪالم ڌرتيءَ تي گوڏا کوڙي ۽ ڪنڌ جهڪائي لکي رهيو آهيان. مون کي شاھ لطيف حيف چيو آهي، مون لطيف سائين جو پاراتو قبول ڪيو آهي .مون وطن وڃايو آهي، مون وطن وساريو آهي. مان لطيف جي پاراتي جو مستحق آهيان. چون ٿا هي تنهنجو وطن آهي، منهنجو وطن؟ڪٿي آهي منهنجو وطن ؟جيڪڏهن هي منهنجو وطن آهي ته پوءِ مان پنهنجي وطن ۾ اجنبي ڇو آهيان؟ جيڪڏهن هي منهنجو وطن آهي ته پوءِ مان پنهنجي وطن ۾ جلاوطن ڇو آهيان؟ مان ڪنهنجي قبضي ۾ آهيان؟ ائين ته ناهي جو غيرن جي سرزمين کي پنهنجي زمين سمجهي ويٺو هئس ۽ اتان اڄ بي دخل ڪيو ويو آهيان؟ ڪير ٿو چوي ته بيحس بيرحم سنگدل وطن منهنجو وطن آهي ڪير ٿو چوي ته ڏاڍن جو ڏيهه منهنجو وطن آهي.هي منهنجو وطن آهي ته پوءِ منهنجي وطن ۾ منهنجي ٻوليءَ لاءِ لوھ جي گولي ڇو آهي؟ هي منهنجو وطن آهي پوءِ منهنجي ٻوليءَ جي نڙيءَ تي ننهن ڇو آهي؟ منهنجي ٻوليءَ سان بغداد ڇو آهي ظلم ڇو آهي ؟ مون کي گونگو وطن نه گهرجي مون کي سنڌي بنا سنڌ نه گهرجي مون کي شاھ، سچل، سامي کانسواءِ سنڌ نه گهرجي مون کي سنڌ گهرجي، سرواڻن جي مون کي سنڌ گهرجي سرويچن جي سنڌ گهرجي جيجل ماءُ جي لوليءَ واري ٻوليءَ جي! هي منهنجو وطن آهي؟ ڪير ٿو چوي هي منهنجو وطن آهي؟ ڪاٿي آهن اهي ٺپ ٺار ڪندڙ، اسان کي رانديڪن سان پرچائيندڙ، اسان جي اکين ۾ سرمو پائيندڙ رهبر ۽ رهنما ڪٿي آهن؟ اُهي سرويچ جيڪي سنڌ لاءِ ساھ قربان ڪرڻ جي دعوا ڪندا آهن؟ مان سنڌي ٻوليءَ جي حق لاءِ بندوق نه بلڪه ڪشتو کڻي چوواٽي تي بيٺو آهيان آهي ڪو سخي جيڪو مون فقير جي جهولي ۾ حق وجهي وڃي شيخ اياز ڀٽائيءَ لا لکيو آهي ” جنهن وقت ڀٽائيءَ جهول جهلي.” پر مان ڀٽائي ناهيان مان ڪشتو کڻي بيٺو آهيان. جهڙي رٿابندي سان سنڌي ٻوليءَ کي نيست ۽ نابود ڪرڻ جو منصوبو رٿيو ويو آهي. ان جي عمل مطابق جنهن وقت ڀٽائي جھول جهليندو تنهن وقت تنهن وقت به هڪ به ڪنڌ سندس جهول نه ڪرندو ڇو جو ان وقت ثقافتي قاتل اسان جي ڪلهن تي هڪ به ڪنڌ نه ڇڏيندا. ڪراچيءَ جو شهر سنڌ ۾ آهي ڪراچيءَ جي شهر ۾ هڪ ٽيليويزن اسٽيشن آهي ان ٽيليويزن تان هفتي ۾ پنجٽيهه ڪلاڪ پروگرام ڏيکاريو ويندو آهي جنهن سان حاتم کي لت هڻندي اسان جي آقائن سنڌي ٻوليءَ لاءِ پنجويهه منٽ حق مقرر ڪيو آهي سنڌ جي ٽيليويزن تي ڪلهه اٺن ڊرامن ڏيکارڻ جو سلسلو ” جشن تثميل” شروع ٿيو آهي توهان کي اها ٻڌي ٻي انتها خوشي ٿيندي ته اٺ ئي ڊراما اڙدو جا آهن، چون ٿا هي منهنجو وطن آهي هي ٽيليويزن لاءِ سنڌي ڊراما لکندڙ آغا سليم، ممتاز مرزا، مراد مرزا، علي بابا، ماھتاب محبوب ۽ غزالا ڀٽو جو ملڪ آهي. اڄوڪو ڪالم مون مايوسي جي احساس سان لکيو آهي. هي منهنجو وطن ناهي جيڪڏهن هي منهنجو وطن آهي ته پوءِ منهنجي وطن تي غيرن جو قبضو ناهي ته مان غير آهيان وطن ۾ جلاوطن آهيان. (هي مضمون 24 ڊسمبر 1972ع تي امر جليل لکيو جيڪو ڪتاب، ادب ۽ سياست ۾ شايع ڪيو ويو هو، ڀٽائي جي عرس جي نسبت سان شايع ڪري رهيا آهيون، چونڊ جواد احمد)

پهنجو تبصرو موڪليو