هواوي جي سمارٽ فونز تي گوگل ايپس جي استعمال تي پابندي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) گوگل اعلان ڪيو آهي ته آمريڪي ڦابندين سبب چين جي سمارٽ فون ٺاهيندڙ ڪمپني هواوي گوگل ايپليڪيشنز استعمال ڪري نه ڪري سگهندي. هواوي جي فونز تي گوگل ايپس ڊائون لوڊ به نه ٿي سگهنديون. گوگل موجب هواوي جي نون فونز ۾ يوٽيوب، پلي اسٽور ۽ جي ميل به نه هلندي. گوگل جي علانيل پابنديون مئي 2019 بعد مارڪيٽ ۾ آيل هواوي فونز تي لڳنديون انکان اڳ وارن فونز ۾ بدستور گوگل جون سهولتون هلنديون رهنديون. ياد رهي ته جولاءِ 2019 ۾ دنيا م سمارٽ فون ٺاهيندڙ ٻئي وڏي ڪمپني هواوي گوگل جي اينڊرائڊ سيسٽم جي مقابلي ۾ پنهنجو آپريٽنگ سيسٽم گونگ مينگ متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ سندن چوڻ آهي ته سندن اهو سيسٽم رڳو فونز تائين محدود نه هوندو پر رائوٽر، انٽرنيٽ کي به سپورٽ ملندي ۽ اينڊرائيڊ جي ڀيٽ ۾ 60 سيڪڙو تيز هوندو. ڪمپني 2020 ۾ دنيا ڀر ۾ اهو نئون آپريٽنگ سيسٽم متعارف ڪرئڻ جو اعلان ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو