هندو ناري اغوا، 5 جوابدارن تي ڪيس داخل

خيرپور (سجاد علي ڪٻر)سيٺارجا شهر جي محلي پير پسايو مان تازو پرڻيل نوجوان ناري شريمتي لهري زال لالو مارواڙي  کي گذريل رات دير سان سندن ئي پاڙي ۾ رهندڙ جوابدار مبينه طور تي اغوا ڪري نامعلوم هنڌ کڻي ويا ناري جي وارثن سيٺارجا پوليس کي اطلاع ڏيڻ سميت وڏي انگ ۾ پهچي ٿاڻي تي ڌرڻو هنيو جنهن بعد پوليس اغوا جي الزام هيٺ 5جوابدارن اختيار, مختيار,شاهنواز, غوث بخش, علي گلاب  خلاف ناري جي ڀاء ڪرشن مل جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي  جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو  آهي ته جوابدار اختيار ۽ سندس ساٿين گذريل رات هٿيار بند ٿي منهنجي شادي شده ڀيڻ جنهن جي پڊ عيدن شادي ٿيل آهي ۽ اها اسان وٽ مڙس سميت ملڻ لاء آيل هئي ته ان کي جوابدار گھر ۾ داخل ٿي زبردستي  اغوا ڪري کڻي ويا ٻئي سيٺارجا پوليس واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد ناري جي بازيابي لاء مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا جيڪا شام دير تائين بازياب نه ٿي  سگهي ھئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو