هندن ۽ بنگالين جون ڇڏيل ملڪيتون مهاجرن کي ڏيو، ايم ڪيو ايم

اسلام آباد (خصوصي رپورٽ) سنڌ مان هندوستان ۽ بنگلاديش لڏي ويل ماڻهن جون ملڪيتون مهاجرن ۽ بهارين کي ڏيڻ وارو معاملو قومي اسمبلي ۾ پهچي ويو. ايم ڪيو ايم ڌيان ڌريو نوٽيس تي اهو معاملو اٿاريو ته وفاقي وزير علي محمد خان به سندن همنوا بڻجي ويو. پي پي ميمبر کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملي، پي ٽي آءِ جي سنڌي ميمبر لال مالهي  مخالفت ڪندي چيو  ته سنڌ ڪو يتيم خانو ناهي ته ٻاهران لوڌيل ماڻهن کي سنڌ ۾ ملڪيتون ڏنيون وڃن. وفاقي حڪومت پاران قانوني مونجهارا ختم ڪري هندن ۽ بنگالين جون ڇڏيل ملڪيتون وفاق جي ڪنٽرول ۾ وٺڻ جو فيصلو. وفاقي حڪومت اينيمي (دشمن جي)پراپرٽي کي سنڌ صوبي جي ملڪيت تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪندي انهن کي وفاقي ملڪيت قرار ڏئي ڇڏيو قبضا خالي ڪرائڻ ۽ ان بعد اها زمين ليز تي ڏيڻ يا وڪرو ڪرڻ جي پاليسي آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

Photo Radio Pakistan

گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس پرزائيڊنگ آفيسر امجد نيازي جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن اسامه قادري، ڪشور زهرا، اقبال محمد علي سنڌ جي ٿر جي علائقي ۾ اينيمي پراپرٽي جي حوالي سان 1947ع ۽ 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ بعد متاثر ماڻهن جي بنيادي حقن جي خلاف ورزين جي حوالي سان ڌيان طلب نوٽيس پيش ڪيو، جنهن جو مواصلات جي وفاقي وزير پاران جواب ڏيندي پارلياماني مامرن جي وزير علي محمد خان چيو ته ايم ڪيو ايم انتهائي اهم مسئلو اٿاريو آهي جيڪو 1965ع ۽ 1971ع ۾ قرار ڏنل اينيمي پراپرٽي جي حوالي سان آهي، هن چيو ته 1965ع ۽ 1971ع ۾ سنڌ اندر ڊفينس رولز تحت ڇڏيل ملڪيتن کي اينيمي ملڪيت قرار ڏنو ويو، جيڪي ملڪيتون مواصلات واري وزارت جي دائري ڪار ۾ اچن ٿيون پر اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي جا مامرا مواصلات جي دائري ۾ نه ٿا اچن، ان لاءِ ڌار فورم آهي، هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 23 تحت هر شهري کي قانون جي دائري ۾ ملڪيتون رکڻ جو حق آهي، جڏهن ته آئين جي آرٽيڪل 24 تحت هر شهري جي ملڪيتن کي تحفظ مليل آهي، قانون کان سواءِ ڪنهن کي ملڪيت کان محروم نه ٿو ڪري سگهجي.  علي محمد خان چيو ته 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين بعد ڇڏيل ملڪيتن کي اينيمي ملڪيتون قرار ڏنو ويو ۽ اهو اصول طئي ڪيو ويو ته اهي وفاقي حڪومت جون ملڪيتون آهن، پر بدقسمتي سان ملڪ ۾ ڪجهه ٻيا مسئلا هلندا رهيا، جن ۾ ابنڊنٽ (ڇڏيل)پراپرٽي جا مسئلا به شامل آهن، وزيراعظم عمران خان قانون جي وزير فروغ نسيم جي سربراهي ۾ ڪابينا ڪاميٽي ٺاهي آهي، ان جو مان به ميمبر آهيان،  ان حوالي سان به ڪافي مامرا آهن جيڪي انصاف ۽ غور طلب آهن، وزيراعظم ان حوالي سان قدم کنيا آهن، اسان جي حڪومت اچڻ بعد اسان 2018ع کان هن حوالي سان ڪوشش ڪئي آهي ته اينيمي قرار ڏنل ملڪيتون حڪومت پاڪستان جي قبضي ۾ هجڻ گهرجن ها پر اصل حقيقت مختلف آهي.  هن چيو ته اينيمي قرار ڏنل ملڪيتون گهڻي ۾ گهڻيون سنڌ صوبي ۾ آهن، ٿرپارڪر ضلعي جي سامارو ۾ هڪ دڪان مٺي ۾ 8 بلڊنگيون، 2 پلاٽ، ڇاڇرو ۾ 139 بلڊنگون، 163 دڪان اينيمي پراپرٽي قرار ڏنل آهن، جڏهن ته ننگرپارڪر ۾ 100 بلڊنگون، 123 دڪان، جيڪب آباد ضلعي جي ٺل ۾ هڪ بلڊنگ، سانگهڙ جي ٽنڊو آدم ۾ هڪ بلڊنگ، سکر شهر ۾ 8 قيمتي ملڪيتون، روهڙي ۾ 195 ملڪيتون، بلڊنگون ۽ 47 دڪان، 39 پلاٽ، 2 فيڪٽريون، پنو عاقل ۾ 265 بلڊنگون، 23 دڪان، 32 پلاٽ اينيمي پراپرٽي ۾ شامل آهن، مجموعي طور تي سنڌ صوبي ۾ 627 بلڊنگون، 357 دڪان، 81 پلاٽ ۽ 2 فيڪٽريون اينيمي پراپرٽي ۾ شامل آهن، جڏهن ته ڇاڇرو ۾ هڪ لک 10 هزار 294 ايڪڙ، مٺي ۾ 16 هزار 193 ايڪڙ، ڏيپلو ۾ 446 ايڪڙ، ننگرپارڪر ۾ 66 هزار 852 ايڪڙ، سامارو ۾ 5 هزار 510 ايڪڙ، ڊگهڙي ۾ 7 ايڪڙ، سنجهورو ۾ 50 ايڪڙ، روهڙي ۾ 291 ايڪڙ، صالح پٽ ۾ 7 ايڪڙ، لکي غلام شاهه ۾ 106 ايڪڙ، شڪارپور ۾ 146 ايڪڙ، ڳڙهي ياسين ۾ 133 ايڪڙ ائين مجموعي طور تي سنڌ صوبي ۾ 2 لک 335 ايڪڙ اينيمي ملڪيت قرار ڏنل زرعي زمين وفاق وٽ هجڻ گهرجي، پر انهن ملڪيتن تي قبضا ٿيل آهن، اينيمي پراپرٽي وفاقي سرڪار وٽ هجڻ گهرجي، پوءِ وفاقي سرڪار جي مرضي آهي ان کي ليز تي ڏئي يا ان کي وڪرو ڪري يا انهن تي اسپتالون ٺاهي يا ٻي ڪا پاليسي آڻي، مواصلات وزارت جي وفاقي سيڪريٽري اڄ صبح ئي مون کي ٻڌايو آهي ته اينيمي قرار ڏنل سنڌ صوبي ۾ ملڪيتن ۽ زمين حاصل ڪرڻن لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن پر ڪورٽ ۾ به مامرا آهن، ماڻهن انهن ملڪيتن تي قبضا ڪيا آهن جيڪي قبضا خالي ڪرائي رهيا آهيون. پارلياماني مامرن جي وزير چيو ته افسوس ته ٻين مامرن وانگر هي مامرو به عمران خان جي حڪومت مٿان ڇڏيو ويو، پر ان مسئلي کي مواصلات جو وفاقي وزير پاڻ ڏسي رهيو آهي، قبضا جلد خالي ڪرائي ان زمين بابت پاليسي آڻينداسين، ايم ڪيو ايم جي اسامه قادري چيو ته منهنجو ڪيس ٿرلينڊ گرانٽ پاليسي جيڪا سنڌ حڪومت ٺاهي آهي ان بابت آهي، 1947ع ۾ ڇڏيل ملڪيتون اويڪيو ٽرسٽ ۽ 1965ع ۾ ڇڏيل ملڪيتون اينيمي پراپرٽي آهن، سنڌ حڪومت ساڍا 7 لک ايڪڙ ايراضي تي ٿرلينڊ گرانٽ پاليسي ٺاهي آهي، سنڌ حڪومت جنهن زمين بابت پاليسي ٺاهي آهي اها زمين وفاق وٽ هجڻ گهرجي.

Usama Qadri of MQM, File Photo

عالمي عدالت سوڌو تمام ملڪي متعلقه ادارن ۾ به ڪيس آهن، اها زمين الاٽ ڪرڻ جو اختيار سنڌ حڪومت کي نه آهي، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ جي اڇڙو ٿر ۾ ساڍا 7 لک ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي سنڌ حڪومت پاليسي ڏئي ڇڏي آهي، ان لاءِ جوڙيل ڪاميٽي لينڊ ۽ روينيو جي وزير جي سربراهي ۾ قائم ڪئي وئي آهي، اها زمين وفاقي حڪومت جي آهي، صوبائي حڪومت ڪيئن الاٽ ڪري سگهي ٿي، پارلياماني مامرن جي وزير علي محمد خان جواب ڏيندي چيو ته ارڙهين آئيني ترميم جا ڪجهه جتي فائدا ٿيا، اتي گهڻا نقصان به سامهون آيا آهن، ارڙهين ترميم ۾ جيڪي خاميون سامهون آيون آهن انهن تي ويهي ڳالهه ٻولهه ذريعي انهن کي درست ڪيو وڃي، هن چيو ته ارڙهين ترميم کان پوءِ گهڻا مامرا صوبن جي حوالي ٿي ويا آهن، روينيو رڪارڊ جا مامرا صوبائي حڪومتون ڏسن ٿيون، پر اينيمي پراپرٽي ڊفينس رولز تحت مواصلات وزارت جي ملڪيت آهي، هن ايم ڪيو ايم جي ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي ٿر لينڊ گرانٽ پاليسي کي اگر توهان مناسب نه ٿا سمجهو ته ان لاءِ هڪ رستو عدالت ۾ وڃي سگهجي ٿو يا هن مامري کي قومي اسيمبلي جي ڪاميٽي ڏانهن اماڻيو وڃي، جتي سنڌ حڪومت جي چيف سيڪريٽري يا لينڊ روينيو بابت سيڪريٽري کي گهرايو وڃي، سي سي آءِ به وڏو فورم آهي هي مامرو ان کي به موڪلي سگهجي ٿو. ايم ڪيو ايم جي ڪشور زهرا چيو ته عالمي قانون تحت ڇڏيل ملڪيتون وفاقي يا صوبائي حڪومت وٽ رهي ته سگهن ٿيون پر ٻنهي حڪومتن کي اهي ملڪيتون وڪرو ڪرڻ جو اختيار ناهي، عالمي قانونن ۽ لياقت علي خان ۽ نهرو وچ ۾ ٿيل معاهدي جي به خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي، 1971ع جي معاهدي جي به خلاف ورزي ٿي رهي آهي، لياقت علي خان ڀارت ۾ اربين رپين جي ملڪيت ڇڏي آيو پر ان جو پٽ هتي ڊائلاسز ڪرائڻ لاءِ پريشان آهي، 71ع ۾ جيڪي بنگالي ملڪيتون ڇڏي بنگلاديش ويا انهن جي ملڪيتن تي بنگلاديش مان آيل بهارين جو حق آهي، اهي انهن جون ملڪيتون آهن پر اهي ٻين کي ڏنيون ويون آهن، هي وڏي خرد برد جو مامرو آهي ان کي نيب ڏانهن موڪليو وڃي، پارلياماني مامرن جي وزير علي محمد خان چيو ته تاريخ ۾ تمام گهڻيون ناانصافيون ٿيون آهن، انهن کي درست ڪرڻ لاءِ سڀني کي اتفاق ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته في الحال اينيمي قرار ڏنل ملڪيتون وفاق جي قبضي ۾ ئي نه آهن انهن تي قبضا ٿيل آهن، اهي پهريان خالي ڪرايا وڃن، ايم ڪيو ايم جي ڪشور زهره ۽ اقبال محمد علي ته 1950ع ۾ نهرو ۽ لياقت علي خان وچ ۾ ٿيل معاهدي کي ڏٺو وڃي، ماڻهن جو جيڪو حق آهي اهو انهن کي ڏنو وڃي، هتي آيل ماڻهو اڃا تائين پنهنجي زمينن ۽ فيڪٽرين لاءِ ڌڪا کائي رهيا آهن.

Kishwar Zahra of MQM, file photo

اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي جي به آڊٽ ڪرائي وڃي، ڪراچي، حيدرآباد ۾ اويڪيو ٽرسٽ جي ملڪيتن تي به قبضا ٿيل آهن، 71ع ۾ اسان جا بنگالي ڀائر پاڪستان ڇڏي ويا، انهن جون ملڪيتون سنڌي مسلم سوسائٽي سميت ڪراچي جي ٽن سوسائٽينکي ڏنيون ويون، هي مامرو ڪاميٽي کي موڪليو وڃي، پارلياماني مامرن جي وزير علي محمد خان چيو ته ان ۾ ڪي به ٻه رايا نه آهن ته زيادتيون ٿيون آهن ۽ ملڪيتن تي قبضا ٿيا آهن، جيڪي بهاري آيل آهن انهن کي 71ع ۾ پاڪستان زندهه آباد ۽ پاڪ فوج زندهه باد جي نعري جي قيمت چڪائڻي پئي، وزيراعظم عمران خان هڪ کان وڌيڪ ڀيرا چيو آهي ته بهارين کي انصاف ڏيارڻو آهي، اهي 71ع کان پوءِ انصاف جي انتظار ۾ آهن، کين جائز حق ڏنا ويندا، جنهن تي پرزائيڊنگ آفيسر امجد نيازي ايم ڪيو ايم جي ميمبرن کي اٿاريل مامري بابت علي محمد خان سان گڏجي ويهڻ ۽ مسئلي جو حل ڪڍڻ جي هدايت ڪئي، اجلاس دوران پيپلز پارٽي جي ميمبر مير غلام علي ٽالپر ان مامري تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ايم ڪيو ايم جي ميمبرن گوڙ ڪيو، جنهن بعد پرزائيڊنگ آفيسر مير غلام علي ٽالپر کي اهو مامرو عدالت ۾ هجڻ جو بهانو بڻائي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو، پي ٽي آءِ جي لال مالهي چيو ته 1947ع ۾ پاڪستان ٺهيو، ڀارت کان جيڪي مهاجر آيا سنڌ جي ماڻهن انهن کي ڀليڪار ڪيو، دل ۾ جايون ڏنيون، ديڳيون لاٿيون ۽ مهاجرن کي سنڌ ۾ رهڻ ڏنو پر سنڌ عالمي يتيم خانو نه ٿو ٿي سگهي جو جيڪو به جتان به مهاجر اچي ۽ سنڌ ۾ اچي رهي ۽ کيس ملڪيتون به ڏنيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو