هاءِ ڪورٽ سکر بورڊ بابت اسٽي ختم ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليمي بورڊ سکر جي سيڪريٽري طور سڌي ڀرتي خلاف جاري ڪيل منع نامو ختم ڪري ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم سومر تي سکر جي تعليمي بورڊ ۾ 19هين گريڊ جي سيڪريٽري واري عهدي تي آءِ بي اي جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ امتياز شاهه جي خلاف رفيق پلهه پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. عدالت داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته امتياز شاهه جي وڪيل امتياز منصور الحق سولنگي ٻڌايو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بئنچ تعليمي بورڊ جي سربراهه سميت سيڪريٽري ۽ ڪنٽرولر امتحان جي عهدن تي ميرٽ جي بنياد تي سڌريون ڀرتيون ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ پڻ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکي ڇڏيو جنهن بعد درخواست گذار رفيق پلهه جيڪو گذريل ٽن سالن کان عارضي طور ڄاڻايل عهدي تي مقرر ويٺو آهي ان عدالت کي گمراهه ڪري اهڙو منع نامو ورتو جڏهن ته امتياز شاهه ميرٽ جي بنياد تي ٽيسٽ پاس ڪئي آهي جنهنڪري منع نامو ختم ڪيو وڃي جنهن عدالت عدالت تعليمي بورڊ سکر جي پوسٽ تي مقرر خلاف جاري ڪيل منع نامو ختم ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو