اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) گهروکاتي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پي ڊي ايم رڳو ٻن پارٽيز جي جماعت آهي، نواز ليگ ۽ فصل الرحمان کانسواءِ اتحاد ۾ ٻيون پارٽيز نظر نٿيون اچن، ٻن پارٽيز جو اتحاد ائين ئي گوڙ ڪندو رهندو، پي ڊي ايم ختم ٿي وئي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تھ صحافي اسد طور جي ڪيس ۾ حقيقت تائين پهچي وينداسين، نادرا، ايف آءِ اي ۽ پوليس گڏجي جاچ ڪري رهيون آهن، وڊيو ۾ نظر آيل ٽن مان هڪ ماڻهو جِي سڃاڻپ جي ويجهو پهچي ويا آهيون، جوابدارن تائين پهچي سگهياسين ته اشتهار جاري ڪيو ويندو، ڪجهه ماڻهو پرڏيهي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ ملڪ جي حساس ايجنسيز تي بنا جواز الزام هڻي رهيا آهن، ھن چيو تھ نُون مان شين ليگ نڪرڻ واري بيان تي ٺٺول ڪئي ويندي هئي، هاڻي سڀني کي نظر اچي ٿو ته شين ليگ نڪري چڪي آهي، وزيراعظم جي هدايت تي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪويت ويو هيس، 2011 کانپوءِ ڪامياب ترين دورو هو جنهن ۾ فيملي، بزنيس ڊاڪٽر پيٽروليم جي صنعت سان واڳيل ماڻهن جا ويزا کلي ويا آهن، 425 ڊاڪٽر هن ئي هفتي هليا ويندا، ڪنسٽرڪشن تي به ويزا جاري ڪرڻ چاهيون ٿا، سعودي ۾ 30 لک ويزن مان 30 سيڪڙو پاڪستان کي ملندا، شيخ رشيد چيو تھ ڪويت ۾ 52 قيدي آهن، 6 واپس اچڻ چاهين ٿا، جن مٿان منشيات جا الزام آهن، سائبر ڪرائيم جا 94 لک، منهنجي دور ۾ 36 هزار ڪيس رپورٽ ٿيا، 5 هزار جي جاچ مڪمل ٿي، ھن چيو تھ حامد مير کي مون آف ايئر ناهي ڪيو، ڪيترن ئي سالن کان آئون سندس پروگرام ۾ ناهيان ويو.
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو