نيپرا جي رپورٽ حڪومت لاءِ چارج شيٽ آهي، امتياز شيخ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ توانائي بحران تي توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر کان استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ امتياز شيخ چيو آهي ته نيپرا رپورٽ هاڻوڪي حڪومت جي خلاف چارج شيٽ آهي، حڪومت فرنس آئل مان بجلي ٺاهي پنهنجي اي ٽي ايمز جا کيسا ڀري رهي آهي. امتياز شيخ چيو ته ايل اين جي سودي ۾ دير جي ڪري مهانگي بجلي جو ٻوجهه ڀوڳڻو پئجي ويو، نيپرا پنهنجي رپورٽ ۾ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته حڪومت ايل اين جي بدران فرنس آئل سان مهانگي بجلي ٺاهي رهي آهي. صوبائي وزير چيو ته حماد اظهر پنهنجي نااهلي ۽ ناڪامي جو اعتراف ڪرڻ جي بدران نيپرا رپورٽ کي رد ڪري رهيو آهي، لڳاتار غلط فيصلن جي ڪري گرمين ۾ گيس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو عذاب قوم ڀوڳيو، ٿڌ ۾ به گيس جو بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو