نيپرا بجلي في يونٽ ۾ 44پئسا لاٿ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي في يونٽ ۾ 44 پئسا گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.بجلي جون نيون قيمتون صرف جون جي بلن تي هونديون. جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ جا صارفين هن رليف مان فائدو حاصل نه ڪري سگهندا. نيپرا ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ اپريل 2021 جي مد ۾ گهٽتائي ڪئي. نوٽيفڪيشن موجب سي پي پي اي 84 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي درخواست ڪئي هئي. اٿارٽي آگسٽ ۽ آڪٽوبر 2020 جي مهينن جا ايف سي اي جي مد ۾ عارضي طور تي 7.5 بلين روپين جي ڪٽوتي ڪئي هئي.اين پي سي سي طرفان جمع ڪرايل انگن اکرن جي بنياد تي اٿارٽي  پاران ڪٽوتي ڪئي وئي. رقم مان 4.4 بلين روپيه جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نيپرا موجب اٿارٽي 2 جون 2021 تي ايف سي اي تي عوامي ٻڌڻي ڪئي هئي. ان جو لاڳو ٿيڻ ڊسڪوز جي سمورن صارفين ماسوائي 300 يونٽ استعمال ڪندڙ، لائف لائن ۽ زرعي صارفين تي هوندو.ان کان علاوه صنعتي صارفين جيڪي انڊسٽريل سپورٽ پيڪيج جو فائدو کڻي رهيا آهن. ان کي منفي ايف سي اي جو فائدو اضافي گهٽ قيمت وارن يونٽن تي نه ملندو. البته بيس ٽيرف جي حد تائين منفي ايف سي اي جو فائدو ضرور ملندو.

پهنجو تبصرو موڪليو