ايڊز جي علاج لاءِ سنڌ حڪومت مستقل فنڊ قائم ڪري پئي،بلاول

ڪراچي (م ڊ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ايڇ آءِ وي موت جو پروانو ناهي، ان بيماري جو علان ممڪن آهي. هن چيو ته سنڌ سرڪار متاثرن جي علاج لاءِ هڪ مستقل فنڊ قائم ڪري رهي آهي جنهن مان سندن علاج ڪرايو ويندو. سنڌ حڪومت ان ڏس ۾ قانونسازي ڪندي. هن رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي ڪيمپ جي ڪالهه ڪيل دوري جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته اسڪريننگ ڪئمپ ۾ 22 هزار 900 ماڻهن جي ٽيسٽ ٿي چڪي آهي. هُن چيو ته ايڇ آءِ وي متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، سنڌ حڪومت سندن علاج جو بندوبست ڪري رهي آهي. هن ايڊز وائرس بابت جاڳرتا مهم تي زور ڏنو. ياد رهي ته بلاول ڀٽو زرداري ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن دوران صهافين جي سخت سوالن تي ڪاوڙجي هليو ويو هو. ميڊيا ۾ به مٿس تنقيد هلنڊر هئي ته سنڌ ۾ ايڊز وائرس جا مريض روز وڌن ٿا پر بلاول خاموشآحي، جنهن بعد هن متاثره علائقي جو دورو ڪيو. ڪالهه تائين رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي ۾ ورتل مريضن جو انگ 670 ٿي ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو