نيويارڪ ۽ نيو جرسي ۾ برسات جي تباهي، 6 فوت،ايمرجنسي لاڳو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)امريڪا ۾ آئڊا طوفان جي تباهي جاري آهي، نيو يارڪ ۽ نيوجرسي ۾ تيز هوا سان گڏ بارشن بعد روڊ تي پاڻي بيهجي ويو، ٻنهي شهرن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي شهرين کي روڊ تي نه اچڻ جي صلاح ڏني وئي آهي. نيو يارڪ جي سينٽرل پارڪ ۾ هڪ ڪلاڪ ۾ 8 سينٽي ميٽر بارش رڪارڊ ڪئي وئي آهي.  نيو جرسي ۾ پوسٽل کاتي جي عمارت جي ڇت اڏامي وئي ۽ برسات سبب پيدا ٿيل ٻوڏ ۾ بي بي سي جي رپورٽ موجب ٻنهي شهرن ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ٻنهي شهرن ۾ انڊر گرائونڊ ريل سسٽم توڙي هوائي اڏن تي به بندش آهي ۽ ڪيتريون اڏامون رد ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو