8 پاڪستاني نيوزيلينڊ ۾دفن، جمعي تي ٻانگ نشر، وزيراعظم جي اجتماع ۾ شرڪت

ڪرائيسٽ چرچ (م ڊ) پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته 9 مان 8 پاڪستانين کي نيوزيلينڊ ۾ دفن ڪيو  ويو آهي ۽ هڪ عريب احمد جو ميت جلد پاڪستان آندو ويندو. هن ٽويٽ ۾ ٻڌايو آهي ته 20 پاڪستاني خاندان نيوزيلينڊ پهتا ۽ تدفين جي رسمن ۾ شريڪ ٿيا. مڪمل  اسلامي طور ادا ڪيل رسمن ۾ پندره سو مسلمانن سميت پنج هزار ماڻهن شرڪت ڪئي. جن ۾ نيوزيلينڊ جي وزيراعظم به شامل هئي. اڄ نيوزيلينڊ ۾ جمع نماز جي ٻانگ نيوزيلينڊ جي سمورن نشرياتي ادارن نشر ڪري مسلمانن ۽ اسلام سان همدردي جي نئين تاريخ رقم ڪئي. هوڏانهن ڪالهه

نيوزيلينڊ جي وزيراعظم ملڪ ۾هر قسم جي آٽوميٽڪ ۽ نيم خودڪار هٿيارن جي وڪرو تي پابندي مڙهي چڏي هئي. هن چيو ته مسجدن تي ٿيل حملي ۾ استعمال ڪيل هٿيار جيڪي آساني سان آن لائن خريد ڪري سگهجن پيا، هاڻي انهن جي وڪري تي به بندش وڌي آهي. هوڏانهن نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائيسٽ چرچ ۾ ٻن مسجدن تي ٿيل حملي ۾ شهيد ٿيندڙن  جي تدفين جو عمل جاري آهي، مسلمانن سان اظهار يڪجهتي لاءِ سڄي ملڪ ۾ جمعي تي سرڪاري ٽي وي ۽ ريڊيو تي آذان نشر ڪئي وئي. وزيراعظم پاڻ به جمعي جي اجتماع ۾ شرڪت ڪئي. ياد رهي ته 15 مارچ تي ڪرائسٽ چرچ جي ٻن مسجدن تي حملن جي نتيجي ۾ 50 ڄڻا شهيد ٿيا ۽ ڪيترائي ٻيا زخمي ٿي پيا هئا، شهيد ٿيندڙن ۾ 9 پاڪستاني به شامل آهن.نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن حملي کي انتهاپسندي قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ فوجي ساخته نيم خودڪار هٿيارن جي موجودگي نيوزيلينڊ لاءِ وڏو چيلينج آهي. هن چيو ته وائيٽ نيشنل ازم يا گورا قوم پرست هڪ عالمي نسل پرستي جو مسئلو آهي، حملو آسٽريلوي شهري ڪيو پر ان جو اهو مطلب ناهي ته اهو مسئلو اسان وٽ موجود ناهي. هن چيو ته اهو حملو انٽيليجنس جي ناڪامي آهي. هن چيو ته حملي آوار نشانو نيوزيلينڊ کي بڻايو پر هن جي ذهن سازي ڪٿي ٻئي هنڌ ٿي هئي. هن جو نالو واچ لسٽ ۾ نه هو، اسان جي ذميواري آهي ان سوچ کي وڌڻ نه ڏيون، اهڙو ماحول جوڙيون جتي اهڙي انتهاپسند سوچ پيدا نه ٿئي. حملي جو ٻڌي صدمو پهت. هن چيو ته مان جڏهن مسجد ۾ ويس ته اتي هڪ ٻار مون کان سوال ڪيو ته وزيراعظم ڇا هاڻي اسان محفوظ آهيون؟  اها منهنجي ذميواري آهي ته هر طبقي جي حفاظت يقيني بڻايان.ٻئي طرف تدفين جو عمل شروع ڪرڻ کان اڳ ميڊيا لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون ته متاثر خاندان کي اڪيلو ڇڏيو وڃي، جنازي نماز بعد لاش وارثن حوالي ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ۾ اٺن ڪلاڪن جو ٽائم ڊفرنس آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو