نيوزيلينڊ کي آسٽريليا 86 رنسن تان هارائي ڇڏيو

لنڊن(م ڊ) آسٽريليا نيوزيلينڊ کي 86 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. لارڊز جي تاريخي ميدان تي کيڏي ويل ميچ ۾ ڪيويز بالرن آسٽريليا کي وڏو اسڪور ڪرڻ نه ڏنو ۽ کين  244 رنسن تائين محدود رکيو پر نيوزيلينڊ جي بيٽنگ لائن پاڪستان جيان ناڪام رهي ۽ پوري ٽيم صرف 157 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ڪپتان وليمسن 40 ۽ روز ٽيلر 30 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، گپٽل 20، نڪولس 8، ليٿم 14، گرينڊ هوم زيرو، جمي نيشام 9، سوڍي 5، فرگوسن زيرو۽ سينٽنر 12 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا. آسٽريليا طرفان فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ هڪ ڀيرو ٻيهر شاندار بالنگ ڪندي ڪيويز جي بيٽنگ لائن کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ 5 وڪيٽون حاصل ڪيون، بهرينڊورف 2، ڪمنس، سمٿ ۽ لائن هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو