نيوزيلينڊ جي سريلنڪا کي 10 وڪيٽن تان شڪست

ڪارڊف(ڊيسڪ رپورٽ) ڪرڪٽ ورلڊ ڪپ 2019 جي سلسلي ۾ اڄ ٻه ميچ کيڏيا ويندا. پهرين ميچ سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ ۾ کيڏي وئي. جيڪا نيوزيلينڊ 10 وڪيٽن تان کٽي ورتي. گپٽل 73 ۽ منرو 58 تي ناٽ آئوٽ رهيا، هنن 16.1 اوورز ۾ ٽارگٽ حاصل ڪري ورتو. ٻئي ميچ افغانستان ۽ آسٽريليا ۾ کيڏي پئي وڃي. سريلنڪا 29.2 اوورز ۾ 136 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. جنهن بعد نيوزيلينڊ جي بيٽنگ جاري آهي. ڪارڊف جي ويلز اسٽيڊيم ۾ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ۽ سريلنڪا بيٽنگ شروع ڪئي ته ابتدا ۾ ئي نقصان کڻنو پيو جڏهن اوپننگ بيٽسمين ٿريماني 4 رنسن تي هينري جي ٻئي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو.سريلنڪا جي ڪپتاني ڊيموٿ ڪرينارتني ڪري رهيو آهي جيڪو چار سال ون ڊي انٽرنيشنل کان ٻاهر رهيو آهي. پريرا 29 رنسون ٺاهي هينري جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو، ۽ ڪسل مينڊس به هينري جي بال تي گپٽل هٿان ڪيچ ٿي زيرو تي موٽيو. ڊي سلوا فرگوسن جي بال تي ايل بي ڊبليو آئوٽ. جنهن بعد ميٿيوز زيرو تي ۽ جي مينڊس هڪ رن تي ڪيچ آئوٽ ٿيا کين فرگوسن ۽ گرينڊهوم آئوٽ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو