نينگر پاران اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بنائڻ جو الزام

ٺڪراٺو(حضرت گل پٺاڻ) مبارڪپور جي رهواسي  13 سالا نينگر شعيب ولد محمد سچل مهتم کي کنڀي چئن جوابدارن جي مبينا جنسي زيادتي، نينگر صبح جو وجھه وٺي  ڀڄي ڪري  وارثن  وٽ پهتو. شعيب روزاني سنڌيار کي ٻڌايو ته مان پنهجي ڀاء سان ملڻ روهڙي ويس، مونکي چئن ماڻھن جنهن ۾ اجمل دايو، عبدالرزاق مڱڻهار، عابد ميربحر ۽ عمران مير بحر جن مونکي زبردستي ڪار ۾ کڻي اچي رات ٺڪراٺو شھر ۾ سڄي رات زيادتي ڪندا رهيا. هن ايس ايس پي سکر کي اپيل ڪئي ته ساڻس انصاف ڪيو وڃي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي. مبارڪپور پوليس اين سي داخل ڪري ڇوڪري کي ميڊيڪل ڪرائڻ لاءِ ليٽر جاري ڪيو آهي ته پنو عاقل مان رپورٽ اچڻ بعد ڪيس داخل ڪبو. پوليس ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي پر اڃا ڪيس داخل ناهي ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو