نيب چيئرمين اختيارن جو غلط استعمال پيو ڪري، سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سعيد غني چيو آھي تھ حڪومت وٽ چيئرمين نيب جي هڪ ويڊيو آهي جنهن سبب هو حڪومت جي هر فرمائش پوري ڪندي پيپلزپارٽي اڳواڻن خلاف ڪوڙا ڪيس ٿو ڪري. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ويڊيو نيب چيئرمين کي ڪٿان جو نھ ڇڏينداسين، صوبائي وزير نيب چيئرمين تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته اسين نيب کي پي ٽي آءِ حڪومت جيان نالائق ۽ نااهل سمجهون ٿا چيلينج ڪريان ٿو ته نيب منهنجي پريس ڪانفرنس تي نوٽيس موڪلي، کين ٻڌائيندس ته نيب ڪهڙي ريت عمران نيازي جي اشارن تي استعمال ٿي رهيو آهي، نيب جو قانون 31 ون اَي سڀ کان پهريان نيب چيئرمين تي لڳڻ گهرجي، جيڪو پنهنجي اختيارين جو غلط استعمال ڪري رهيو آهي.هن مطالبو ڪندي چيو ته ايف آءِ اي وڊيو اسڪينڊل جي جاچ ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ڪئي؟، متاثر عورت ڪٿي آهي؟، نيب چيئرمين زمينن تي قابض حليم عادل شيخ خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران مونکي ڪارروائي جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو