نيب پاران 120 نيون احتساب عدالتون قائم ڪرڻ لاءِ رپورٽ پيش

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نيب ملڪ مان بدعنواني جي ڪيسن جي تڪڙي اڪلاءُ لاءِ 120 نيون احتساب عدالتون قائم ڪرڻ بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ مهيني ۾ ڪيس جو فيصلو ممڪن ناهي. رپورٽ ۾ نيب چيو آهي ته هڪ احتساب عدالت لاءِ جج سوڌو 15 آفيسرز ۽ ملازم گهربل هوندا، مجموعي طور 120 ججز لاءِ 18 سئو آفيسرز ۽ ملازم مقرر ڪرڻا پوندا، جنهن لاءِ هڪ ارب 50 ڪروڙ روپين جي بجيٽ گهربل آهي. جڏهن ته عدالتن جي قيام، بجلي جي بلن، مينٽيننس، گاڏين وغيره جو خرچ ان کانسواءِ آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪا به عدالت هڪ مهيني ۾ ڪرپشن جي ڪيسز تي فيصلو نٿي ڪري سگهي. ڪرپشن جي ڪيسز ۾ 50-50 شاهد ٺاهڻ قانوني مجبوري آهي ڇو ته هي پنهنجي نوعيت جا پيچيدا ڪيس آهن. جواب ۾ نيب چيئرمين ڪيسز جو بار کڻڻ لاءِ عدالتن جي تعداد کي ناڪافي قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا ٻڌايو ته عدالتن جو انگ نه وڌڻ سبب ٽرائل ۾ دير ٿي رهي آهي، سُپريم ڪورٽ پلي بارگين ذريعي رقم جي واپسي جا اختيار به استعمال ڪرڻ کان روڪيو آهي، اهڙي اجازت ملي وڃي ته گهڻا ڪيس عدالتن تائين نه پهچندا، نيب چيئرمين سُپريم ڪورٽ جي اسٽي آرڊر کي ٽرائل ۾ دير جو ڪارڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ سُپريم ڪورٽ جي واضح ڪيل اصولن تي عمل نه ڪنديون آهن، جوابدارن طرفان مختلف درخواستون داخل ڪرائڻ وارو عمل به ٽرائل ۾ دير جو ڪارڻ قرار، جواب ۾ نيب چيئرمين چيو آهي ته عدالتن طرفان استعمال ٿيندڙ سياسي شخصيتن واري لفظ جِي به غلط تشريح ڪئي ويندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو