نيب پاران شاهه خلاف ملڪيتن جا ثبوت هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

سکر(جیرام داس بختیار پوري) نيب سکرپيپلزپارٽي جي مرڪزي  اڳواڻ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاھ خلاف بي نامي ملڪيتن ۽ مبينه ڪرپشن جي جاچ ۾ اھم شاھديون حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. خورشيد شاھ جا اربين روپين جا اثاثا ھجڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. نيب سکر بيورو جي چيئرمين جي اجازت بعد پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ خلاف جاچ شروع ڪئي ھئي. نيب ذريعن سنڌيار کي ٻڌايو تہ خورشيد شاھ ۽ سندس گهر وارن جي نالي تي ڪراچي، سکر ، روھڙي ۽ ٻين شھرن ۾ 105بئنڪ اڪائونٽ آھن . نيب موجب خورشيد شاھ جا فرنٽ مين پھلاج مل ۽ اعجاز پلھ جي نالن تي ملڪيتون ٺاھيون آھن. 2015ع ۾ پھلاج مل معمولي دڪاندار ھو ۽ نيب موجب پھلاج مل جي نالي تي خورشيد شاھ جون 83 ملڪيتون آھن. ھن وڏيون ملڪيتون ٺاھڻ باوجود ٽيڪس بہ جمع ناھي ڪرايو. ذريعن موجب خورشيد شاھ روھڙي ۽ سکر ۾ ٻي فرنٽ مين اعجاز پلھ جي نالي تي ملڪيتون ٺاھيون آھن. اعجاز پلھ سکر ۽ روھڙي ۾ ڪيترائي پلاٽ قبضي ڪيا آھن. اعجاز پلھ سنڌ سرڪار جي مڪاني ادارن واري کاتي جو ملازم آھي ۽ خورشيد شاھ جي آشيرواد سان ھينئر سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ کيس اھم ذميواري پڻ مليل آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو