نيب پاران جمالي جتوئي مگسي ۽ راهه پوٽو خلاف جاچ جي منظوري

اسلام آباد (پ ر) نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ اڳوڻي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي پيپلز پارٽي جي ايم اين اي سڪندر راهپوٽو، شجاع راهپوٽو، منظور علي مگسي ۽ لياقت جتوئي خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال جي سربراهيءَ ۾ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف انڪوائريز ۽ ريفرنس جو جائزو ورتو ويو. نيب ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي، ضياءُ الدين اسپتال انتظاميا، ڪي ايم سي جي پارڪنگ ۽ ائنٽي انڪروچمينٽ شعبي جي آفيسرز ۽ سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي جي آفيسرز توڙي ملازمن خلاف شاهديون نه هجڻ جي بنياد تي جاچ بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ترجمان ٻڌايو آهي ته بورڊ جي اجلاس ۾ 8 انڪوائريز جي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن ۾ پڪڪ يعني پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن ڪراچي جي آفيسرز توڙي ملازمن خلاف انڪوائري، شهزاد رياض، پي پي ايم اين اي سڪندر راهپوٽو، شجاع راهپوٽو، اڳوڻي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي، منظور علي مگسي ۽ لياقت جتوئي خلاف به انڪوائريز شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. بيان مطابق ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي آفيسر خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني وئي. پڌرائي موجب ايگزيڪيوٽو بورڊ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج لياري جي پرنسپل ڊاڪٽر انجم رحمان ۽ جي ايم عمر فاروق ٻرڙو خلاف وڌيڪ ڪارروائي لاءِ انڪوائري چيف سيڪريٽري سنڌ ڏانهن موڪلڻ جي منظوري ڏني وئي، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي آفيسرز توڙي ملازمن خلاف ڪارروائي لاءِ انڪوائري پورٽ اينڊ شپنگ وزارت ڏانهن موڪلڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو