نوڪري ڪريو يا گهر وڃو، سفيد پوش مسلم ڀنگين کي چتاءُ

ٽنڊوباگو(ڄام سھيل سمون ) ڊيوٽي ڪريو يا نوڪري ختم، ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو جي نئين آيل ٽي ايم او وائٽ ڪالر ملازمن کي ٻهاريون هٿن ۾ ڏئي ڇڏيون. نئون بدلي ٿي آيل ٽي ايم او محمد حسن ملاح ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو ۾ صفائي ڪندڙ سئيپرن جي پوسٽ تي ڀرتي ٿيل وائٽ ڪالر مسلمان ملازم جيڪي گهر ويٺي سياسي سبب يا ٽائون ڪميٽي جي هڪ بااثر ڪلرڪ کي ماهوار رشوت ڏيئي ڊيوٽي ڪرڻ کان آجا هوندا هئا، نئين آيل ٽي ايم او اچڻ شرط سالن کان گهر ويٺل انهن گوسڙو ملازمن کي هٿن ۾ ٻهاريون ڏئي روڊن جي صفائي تي لڳائي ڇڏيو آهي، ان کان سواءِ شهر جي گٽرن ۽ نالن جي صفائي وارو ڪم تيزي سان شروع ڪرائي ڇڏيو آهي.´´ سنڌيار “سان ڳالهائيندي ٽي ايم او محمد حسن ملاح ٻڌايو ته ٽائون ڪميٽي ۾ 50 کان وڌيڪ اهڙا ملازم آهن جيڪي گهر ويٺي پگهار کڻندا آهن پر ڊيوٽي ڪون ڪندا آهن، هاڻي انهن کي ڊيوٽي ڪرڻي پوندي. ٻي طرف ٽنڊوباگو جي شهرين نئين آيل ٽي ايم او جي اهڙي عمل تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو