نون ليگ وارا کوهه جا ڏيڏر آهن، پي پي سان مفاهمت ٿيندي، شيخ رشيد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته جن اي پي ايس جي ٻارڙن کي قتل ڪيو اهي ٻيا ماڻهو آهن، جيڪي هٿيار ڦٽا ڪندا تن سان جهيڙو نه ڪنداسين ۽ انهن سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو آهي ته پاڪستان جي دشمنن سان هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مهاڏو اٽڪائينداسين، انهن کي بخش نه ڪنداسين، هاڻي ملڪ جو سياسي منظرنامو تبديل ٿيڻ وارو آهي. هن چيو آهي ته ن ليگ وارا  کوهه جا ڏيڏر۽ عقل جا انڌا آهن، پ پ مفاهمت ۽ ڳالهين لاءِ تيار ٿي وئي آهي، هن هفتي نيب چيئرمين جو به فيصلو ٿي ويندو. شيخ رشيد چيو ته ايف آءِ اي کي حڪم ڏنو آهي ته ڊالرز ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري، ڊالر جي ڏي وٺ تي ڪا به پابندي  نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو